اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيئرمين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان عهدي تان هٽائڻ جي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ چيئرمين اها اپيل آرڊيننس 1972 تحت داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اپيل ڪندڙ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو موجوده چيئرمين آهي.
24 مئي 2023 تي کيس پي ٽي اي ۾ ميمبر مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته 25 مئي تي کيس پي ٽي اي چيئرمين طو مقرر ڪيو ويو.
پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان قانون ۽ ضابطن موجب پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي، اها اپيل پي ٽي اي چيئرمين جي قانوني مقرري کي ثابت ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته درخواست فوري طور ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار اڄ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي اي چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو.
You might also like