پاڪستان ٽيم جو معيار ڪِري پيوآهي، وسيم، وقار ۽ ميانداد واري ٽيم کي ساريان ٿو: گنگولي

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي چيو آهي ته هن کي پاڪستاني ٽيم ڏسڻ جوڳي نٿي لڳي ڇوته سندن معيار صفا ڪِري پيو آهي.
هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان چيو ته پاڪستان هاڻي مقابلي واري ٽيم ئي ناهي رهي. مان ته شروعاتي 15 اوورن کانپوءِ ميچ ڏسڻ ڇڏي ڏني.
هن چيو ته هو ڀارت کي آسٽريليا، انگلينڊ، ڏکڻ آفريقا يا اڃا به افغانستان خلاف کيڏندو ڏسڻ پسند ڪندو، پر پاڪستان خلاف نه.
هن بهترين پاڪستاني ٽيم جو ذڪر ڪندي چيو ته مان سدائين پاڪستان کي وقار يونس، وسيم اڪرم، سعيد انور ۽ جاويد ميانداد جي ٽيم طور ياد ڪندو آهيان. پر هاڻوڪي ٽيم مڪمل طور مختلف آهي.
گنگولي جو چوڻ هو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ هاڻي ڪو حقيقي مقابلو ئي نه رهيو آهي، موجوده پاڪستاني ٽيم ڀارت جي جوڙ جي نه آهي.
هن اِهو به چيو ته ڀارتي ٽيم ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما کانسواءِکيڏي رهي آهي، جيڪي ڊگهي عرصي تائين ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا ٿنب رهيا.
گنگولي موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ پاڪستان سميت ٻين ايشيائي ٽيمن کان تمام گهڻو اڳتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.