جبري شادين ۽ ڪُنوارن جي اغوا تي پابندي، ڀڃڪڙي تي ڏهه سال ٽيپ، قانون لاڳو

آستانا (ويب ڊيسڪ) قازقستان ۾ اڱاري ڏينهن هڪ قانون لاڳو ٿي ويو آهي جنهن بعد ملڪ ۾ جبري شادين ۽ ڪنوار جي اغوا تي پابندي لڳائي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته قازقستان ۾ هاڻي ڪنهن کي زبردستي شادي لاءِ مجبور ڪرڻ تي 10 سال تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.
پوليس موجب، نئون قانون جبري شادين جي روڪٿام ۽ ڪمزور طبقن، خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن جي تحفظ لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ ڪنوارن جي اغوا تي به پابندي مڙهي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ هو ته اڳ ۾ جيڪڏهن ڪو جوابدار مغوي پنهنجي مرضي سان ڇڏيندو هو ته ان لاءِ قانوني ڪارروائي کان بچڻ جو امڪان هوندو هو، پر هاڻي اها سهولت ختم ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، قازقستان ۾ جبري شادين جي ڪيسن جا تصديقي انگ اکر موجود نه آهن ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان ڪرمنل ڪوڊ ۾ ڪا الڳ شق موجود نه هئي.
واضح رهي ته هڪ پارليامينٽ رڪن هلندڙ سال دعويٰ ڪئي هئي ته گذريل 3 سالن دوران پوليس کي اهڙي نوعيت جون 214 شڪايتون مليون آهن.
ياد رهي ته قازقستان ۾ عورتن جي حقن جو مسئلو 2023ع ۾ ان وقت ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيو جڏهن هڪ اڳوڻي وزير پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.