پاڪستان ۾ انساني سمگلرن جو نئون طريقو، جعلي فٽبال ٽيم ٺاهي 22 ڄڻا جپان پهچايا ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) انڪشاف ڪيو آهي ته انساني سمگلرن زميني رستن تي سختي کانپوءِ نئون طريقو اختيار ڪندي جعلي فٽبال ٽيم ٺاهي 22 ڄڻن کي جپان موڪلي ڇڏيو.
ايف آءِ اي موجب، دستاويز جعلي ثابت ٿيڻ تي جپان اختيارين سڀني ماڻهن کي واپس ڊي پورٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسڪينڊل ۾ ملوث جوابدار ملڪ وقاص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس ايف آءِ اي گوجرانوالا ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي موجب، سڀني ماڻهن کي فٽبال ٽيم جي رانديگرن جيان ٽريننگ ڏني وئي، جوابدار هر شخص کان 40 لک رپيا ورتا. جوبدار فٽبال فيڊريشن جا جعلي رجسٽريشن دستاويز تيار ڪيا، جنهن ۾ جپان ۾ فٽبال ميچن جو شيڊيول ڏنل هو، ان سان گڏ پرڏيهي کاتي جا جعلي ڪاغذ پڻ تيار ڪيا ويا هئا.
ايف آءِ اي موجب، 22 ڄڻا فٽبال ٽيم جي صورت ۾ سيالڪوٽ ايئرپورٽ تان روانا ٿيا، پر جپان جي هوائي اڏي تي جعلي دستاويز پڪڙيا ويا.
گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو ته جنوري 2024 ۾ به ساڳي نموني جعلي فٽبال ٽيم ٺاهي 17 ماڻهن کي جپان موڪليو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.