لنڊن (ويب ڊيسڪ) نوبيل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني سماجي ڪارڪن ملالا يوسفزئي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ تعليم جي شعبي ۾ وڏي مدد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اداري ”تعليم ۽ آگاهي“ لاءِ 2 لک ڊالر ۽ مائونٽين انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشن اينڊ ڊيولپمينٽ لاءِ 30 هزار ڊالر گرانٽ ڏني پئي وڃي.
ملاله يوسفزئي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ ملڪي اسڪولن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ڪميونٽيز کي شديد نقصان پهچايو آهي.
هن جو چوڻ هو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سندس دلي همدرديون پاڪستاني قوم سان گڏ آهن، هاڻي لازمي آهي ته امدادي ڪم، انفرااسٽرڪچر جي نئين سر اڏاوت ۽ نياڻين جي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي.
You might also like