اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان هن مهيني 25 سيپٽمبر تي ملاقات جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي گڏيل قومن جي سالياني اجلاس دوران صدر ٽرمپ سان ملاقات ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ فليڊ مارشل عاصم منير به شرڪت ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات لاءِ ڪيل ڪوششون ڪامياب ٿينديون نظر اچي رهيون آهن، اسرائيلي حملن ۽ دوحا ۾ مسلم ملڪن جي ڪانفرنس جي تناظر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فليڊ مارشل عاصم منير جي دوحا ۽ رياض جي دوري کانپوءِ 25 سيپٽمبر تي ان ملاقات جو امڪان آهي، جنهن جي ايجنڊا، وقت ۽ هنڌ کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.
ٻئي پاسي 23 سيپٽمبر تي آمريڪي صدر جنرل اسيمبلي اجلاس سان خطاب ڪندو ۽ صدر ٽرمپ عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ روايتي آجياڻو به ڏيندو، پر ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته تفصيلي ملاقات 25 سيپٽمبر تي واشنگٽن ۾ ٿيندي.
ذريعن موجب ملاقات قطر ۽ سعودي عرب جي صلاح، تائيد ۽ حمايت سان ٿيندي، ايجنڊا ۾ قطر تي اسرائيلي حملن جا اثر بحث هيٺ ايندا، جڏهن ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ پاڪ-ڀارت صورتحال تي به ويچاريو ويندو.
هوڏانهن پاڪستاني سفارتخاني امڪاني ملاقات تي تبصرو يا ترديد ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي.
You might also like