اسان وٽ مضبوط فوج ۽ جديد هٿيار آهن، اسرائيلي حملن جي رڳو مذمت ڪافي ناهي: نائب وزيراعظم

دوحا(ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان وٽ مضبوط فوج ۽ جديد هٿيار موجود آهن، تنهنڪري اسان ڪنهن کي به پنهنجي سلامتي جي ڀڃڪڙيءَ جي اجازت نه ڏينداسين.
عرب ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته قطر تي اسرائيلي حملن کانپوءِ اسان صوماليا سان گڏجي سيڪيورٽي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو، او آءِ سي فورم تان به اسرائيل جي حملي جي ڀرپور مذمت ڪئي وئي، لبنان ۽ شام کانپوءِ قطر تي اسرائيل جو حملو ناقابل قبول آهي، هڪ خودمختيار ملڪ تي حملو جو ڪو جواز ناهي.
هن چيو ته اسرائيلي حملن جي رڳو مذمت ڪافي ناهي، هاڻي اسان کي واضح حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.
نائب وزيراعظم چيو ته غزا جا ماڻهو انتهائي مشڪلاتن جو شڪار آهن، وقت اچي ويو آهي ته غزا ۾ غير مشروط جنگبندي کي يقيني بڻايو وڃي، دنيا کي هاڻي اسرائيل جو رستو روڪڻو پوندو.
هن چيو ته پاڪستان وٽ مضبوط فوج ۽ جديد هٿيار موجود آهن، ڪنهن کي به اسان جي خودمختياري ۽ سالميت جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏينداسين، پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل چاهي ٿو.
اسحاق ڊار چيو ته مستقبل جون جنگيون پاڻيءَ تي ٿينديون، سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست طئي ٿي آهي، ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل يا ختم نٿو ڪري سگهي، پاڪستان واضح ڪري چڪو آهي ته پاڻي روڪڻ جي عمل کي جنگ جو اعلان سمجھيو ويندو.
نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪشمير سميت ڀارت سان سڀني معاملن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پاڪستان دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جيڪو ملڪ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهي، ان تي ڀارت جو الزام لڳائڻ حيران ڪندڙ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.