ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکي آهي. مرڪزي بئنڪ موجب، مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته جون ۽ جولاءِ لاءِ به اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 11 سيڪڙو تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو. رپورٽ مطابق، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد جي سربراهيءَ هيٺ مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نئين مالي پاليسي جاري ڪئي وئي. زري پاليسي ڪميٽي موجب جون 2025ع ۾ مهانگائي جي شرح گھٽجي 3.2٪ تائين پهتي، جنهن جو سبب بنيادي خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آهي. توانائي، خاص طور تي گئس جي اگهن ۾ اوچتو واڌ مهانگائي جي منظرنامي ۾ ڪجهه غير يقيني صورتحال پيدا ڪئي، پر اميد آهي ته اڳتي هلي مهانگائي مستحڪم ٿي ويندي مرڪزي بئنڪ جا مٽا سٽا ذخيرا 14 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، جن جي پويان مالي امداد ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس اهم سبب آهن.