وقتي چيف جسٽس جي حلف برداري کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو نئون روسٽر جاري

ڪراچي (رپورٽر) وقتي چيف جسٽس جي حلف برداري کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو نئون روسٽر جاري، نئين روسٽر موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 4 ٻه رڪني بينچون ۽ 7 سنگل بينچون 15 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين موجود هونديون، ٻه رڪني بينچ نمبر 1 ۾ وقتي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت  ۽ جسٽس ميران محمد شاھ شامل هوندا، بينچ نمبر 1 ۾ فوجداري اپيلون، فوجداري نظرثاني، بينڪنگ اپيلون، گم ٿيل ماڻهن، هراساني ۽ خاص عدالتن جي اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي ويندي، ٻه رڪني بينچ نمبر 4 جسٽس آغا فيصل ۽ جسٽس عثمان علي هادي تي مشتمل هوندي، بينچ نمبر 4 ريگيوليٽري ادارن، پيمرا، پي ٽي اي، ايس اي سي پي، مقابلي ڪميشن، اوگرا، ڊريپ ۽ ٻين سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا، سنگل بينچ ۾ جسٽس ارشد حسين خان، جسٽس عمر سيال، جسٽس عدنان اقبال چوڌري شامل آهن، سنگل بينچ ۾ جسٽس آغا فيصل، جسٽس جواد اڪبر سروانا، جسٽس حسن اڪبر ۽ جسٽس فيض الحسن شاھ شامل آهن، آئيني بينچ 15 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين پڻ موجود هوندا.

  1. نواز شريف لنڊن پهچي ويو

لاهور (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف پرڏيهي ايئرلائن قطر ايئرويز جي پرواز ذريعي لاهور مان لنڊن روانو ٿي ويو، خانداني ذريعن موجب نواز شريف جو لنڊن ۾ لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين قيام جو امڪان آهي، جتي هو پنهنجي معمول جو طبي معائنو به ڪرائيندو، روانگي کان اڳ جاتي امرا ۾ سڀ تياريون مڪمل ڪيون ويون هيون، ڪجهه ڏينهن اڳ نواز شريف پنجاب انسٽيٽيوٽ آف نيوروسائنسز ۾ چيڪ اپ ڪرايو هو، جتي هُن جي گڙدن جي ايم آر آءِ به ڪئي وئي هئي، ياد رهي ته نواز شريف هلندڙ سال جون ۾ به لنڊن ويو هو.

  1. جسٽس ظفر احمد راجپوت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت سنڌ ھا ءِڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نئين مقرر ٿيل وقتي چيف جسٽس جي حلف برداري جي تقريب سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي ڪميٽي روم ۾ ٿي گذري، وقتي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙي حلف کڻايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  محمد جنيد غفار جي 13سيپٽمبر تي ريٽائرمنٽ کان پوءِ  سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت کي وقتي چيف جسٽس طور مقرر ڪيو ويو هو، حلف برداري واري تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس ارشد خان، جسٽس عمر سيال، جسٽس حسن اڪبر سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻين ججن شرڪت ڪئي.

  1. سکر ۾ نينگري درياهه ۾ ٻڏي فوت

سکر (رپورٽر) سکر جي ڳوٺ مراد سندراڻي ۾ سنڌو درياهه ۾ 8 ورهين جي نينگري عظيمان ڌيءَ عبدالغفور سندراڻي اوچتو پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي وئي. ڳولا بعد نينگري جو لاش ڪڍيو ويو ۽ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

  1. گهوٽڪي پوليس جا 2 اهلڪار ڏوهي سرگرمين جي الزام ۾ برطرف

سکر (رپورٽر) ايس ايس پي گھوٽڪي محمد انور کيتران ڏوهي سرگرمين ۽ ڏوھارين جي سهولت ڪاري ۾ ملوث ٻه پوليس اهلڪار نوڪري تان فارغ ڪري ڇڏيا. فارغ ٿيل اهلڪارن ۾ شعبان چاچڙ ۽ احمد علي پنھور شامل آهن. الزام ثابت ٿيڻ بعد نوڪري ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. اطلاعن موجب ٻنهي اهلڪارن پاڻ کي بچائڻ لاءِ بااثر ڀوتارن جي بنگلن ڏانهن ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.