ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌو ۾ چاڙهه سبب ڪچي جا ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا آهن. ڪچي ۾ زمينداري بند ٽٽڻ لڳا آهن، اين ڊي ايم اي هائڊرولاجڪ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ جي وهڪري سبب قادرپور گئس فيلڊ جا 10 کوهه متاثر ٿيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ گئس جي فراهمي بند ٿي وئي آهي. لاڙڪاڻي عاقل آگاڻي ۽ ٻين بندن تي دٻاءُ آهي. ڪچي ۾ ڳوٺ ٻلھڙيجي پتڻ وٽان زمينداري بند ۾ 100 فٽ ويڪرو گهارو لڳڻ سبب پاڻي جو وهڪرودرگاهه ملوڪ شاهه بخاري ۾ داخل ٿي ويو، جڏهن ته هاڻ پاڻي زرعي علائقن ۽ آبادي طرف وڌڻ لڳو آهي. ڪشمور۾ سنڌو درياءُ ۾ گڊو بئراج جي وٽ واڌارو ٿيو آهي، جنهن سبب اوچي درجي جو چاڙهه برقرار آهي، ۽ اميد آهي ته پاڻي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ سکر بئراج تائين پهچي ويندو. انتظاميه جو چوڻ آهي ته گڊو بئراج کي في الحال ڪو خطرو ناهي، پر ڪچي جي علائقن ۾ پڻ پاڻي جي سطح ۾ واڌ سبب ماڻهن جي لڏپلاڻ جاري آهي، ۽ ڪچي مان 30 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي، ضلعي گهوٽڪي جي جان محمد علي واري علائقي ۾ ٻوڏ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته اڃا تائين انخلا جو عمل شروع نه ٿيڻ سبب متاثر ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. پراونشل رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل ۽ سنڌ جي اطلاعات کاتي دريائن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي آمد ۽ روانگي بابت تازا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گڊو بئراج پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 635,759 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 606,489 ڪيوسڪ سنڌ آهي. سکر بئراج وٽ مٿاهون وهڪرو 538,916 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 485,736 ڪيوسڪ وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 278,786 ڪيوسڪ هيٺاهون وهڪرو 267,631 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي سطح پڻ مستحڪم آهي. پراونشل رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل ۽ سنڌ جي اطلاعات کاتي دريائن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي آمد ۽ روانگي بابت تازا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گڊو بئراج پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 635,759 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 606,489 ڪيوسڪ سنڌ آهي. سکر بئراج وٽ مٿاهون وهڪرو 538,916 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 485,736 ڪيوسڪ وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 278,786 ڪيوسڪ هيٺاهون وهڪرو 267,631 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي سطح پڻ مستحڪم آهي.