ايشيا ڪپ ۾ ڀارت آساني سان پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (م ڊ) ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ 2025 جي ڇهين ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي ۾ گروپ اي جو هاءِ وولٽيج مقابلو ٿيو، جتي پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پر بيٽنگ لائين سخت دٻاءُ هيٺ اچي وئي. پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنز ٺاهي سگهيو. قومي ٽيم جي پهرين وڪيٽ پهرين ئي بال تي صائم ايوب جي صورت ۾ ڪِري، جيڪو بنا رن جي پانڊيا جو شڪار ٿيو. محمد حارث 3، فخر زمان 17، سلمان آغا 3 ۽ حسن نواز 5 رنز ٺاهي پويلين موٽي ويا. صاحبزادا فرحان سڀ کان وڏي اننگز کيڏي 40 رنز ٺاهيون، جڏهن ته شاهين آفريدي آخر ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي 16 بالن تي 4 ڇڪن جي مدد سان 33 ناٽ آئوٽ رنز ٺاهي ٽيم کي سهارو ڏنو. ڀارت جي طرفان ڪلديپ يادو 3 وڪيٽون، جڏهن ته بمراهه ۽ اڪشر پٽيل 2-2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ڀارت 128 رنز جو هدف سولائي سان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 16هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. اڀيشڪ شرما ۽ تلڪ ورما 31-31 رنز ٺاهي ٽيم کي سهارو ڏنو، جڏهن ته سوريا ڪمار ياديئو ۽ شيوم دوبي به اڳڀرا رهيا. پاڪستان طرفان ٽئي وڪيٽون صائم ايوب حاصل ڪيون. شڪست پاڪستان لاءِ ٽورنامينٽ ۾ اڳتي وڌڻ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڀارت جي فتح سان گروپ ۾ ان جي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.