کٽمنڊو (م ڊ) نيپال جي نئين وزيراعظم طرفان بدعنواني ختم ڪرڻ ۽ مظاهرين جا مطالبا مڃڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي، نيپال جي نئين عبوري وزيراعظم ۽ اڳوڻي چيف جسٽس سشيلا ڪارڪي عهدو سنڀالڻ شرط ”جنريشن زي“ مظاهرين جا مطالبا مڃڻ ۽ بدعنواني ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو، پرڏيهي خابرو ادارن موجب نيپال ۾ ”جنريشن زي“ جي احتجاج دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي موت کانپوءِ وزيراعظم ڪي پي شرما استعيفيٰ ڏئي فرار ٿي ويو هو، بدعنواني خلاف وڌندڙ تحريڪ ان جي روانگي جو سبب بڻي، سشيلا ڪارڪي چيو ته هوءَ “جنريشن زي” جي مظاهرين جي درخواست تي عبوري حڪومت جي قيادت قبول ڪري رهي آهي کيس ذميواري ڏني وئي آهي ته هوءَ امن قائم ڪري ۽ ڇهن مهينن بعد ٿيندڙ چونڊن کان اڳ بدعنواني کان پاڪ مستقبل لاءِ قدمن تي ڌيان ڏئي، نيپال ۾ سوشل ميڊيا تي پابندي کانپوءِ احتجاج شروع ٿيو، جنهن معاشي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻايو، مظاهرين طرفان پارليامينٽ سميت ڪيترين ئي سرڪاري عمارتن کي باهه ڏني وئي، وڳوڙن ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، عبوري وزيراعظم عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پهرين خطاب ۾ چيو ته اسان کي جنريشن زي جي سوچ موجب اڳتي وڌڻو پوندو، عالمي بئنڪ جي رپورٽ موجب نيپال ۾ 15 کان 24 ورهين جي عمر وارن مان هر پنجين مان هڪ بيروزگار آهي، جڏهن ته 3 ڪروڙ آبادي واري ملڪ جي سالياني في فرد آمدني صرف 1447 ڊالر آهي.