مانجهند(ن ع آ) مانجهند ڀرسان ڳوٺ راڄڙي انڊس هاءِ وي تي عوامي آواز ميڊيا گروپ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ ملير جو سماجي اڳواڻ انور بلوچ زخمي ٿي پيو. عوامي آواز ميڊيا گروپ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انور بلوچ جي سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ ڪار نمبر BNH 786 کي پٺيان ايندڙ نيشنل پوليس فائونڊيشن جي موبائل ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي م انور بلوچ معمولي زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس ڪار پڻ تباھ ٿي وئي جڏهن ته موبائيل م سوار هڪ عورت پڻ زخمي ٿي پئي جنهن کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو مانجهند پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي گاڏين کي ڌرين جي اتفاق سان محفوظ هنڌ منتقل ڪرايو.