پاڪستان جا جنگي جهاز دوحا پهچي ويا، اڄوڪو ڏينهن اهم؟

دوحا / اسلام آباد (معظم فخر) پاڪستان جا جنگي جهاز قطر جي راڄڌاني دوحا پهتا، جنهن کي قطر لاءِ سلامتيءَ جي ضمانت ۽ هڪ واضح پيغام جي طور ڏٺو پيو وڃي. هي فوجي پهچ ان حساس موقعي تي ٿي آهي جڏهن دوحا ۾ پرڏيهي معاملن جا اهم اجلاس ۽ مسلمان ملڪن جي سربراهن جو گڏيل اجلاس رٿيل آهي، تنهنڪري ايندڙ ڏينهن ۾ فيصلن تي عالمي ڌيان رهندو. پاڪستان جا جهاز قطر ڏانهن هڪ ايڪي جي اظهار جو اشارو آڻڻ لاءِ موڪليا ويا آهن، اهي سڌي ريت جنگي عمل لاءِ ناهن موڪليا ويا. ساڳي وقت آمريڪي نمائندن ۽ اسرائيلي قيادت جي وچ ۾ رابطن جا اشارا به رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته ڪجهه عرب ملڪن اسرائيل خلاف سخت سياسي يا معاشي قدمن جو اشارو ڏئي رهيا آهن. اسرائيل جهڙا حملا ڪيا آهن، تهڙو ئي جواب کين ڏئي سگهجي ٿو پر جيڪي هٿيار عرب ملڪن وٽ موجود آهن، هو اهي هلائڻ جا اختيار ئي نٿا رکن، اهي رڳو نمائشي شيون آهن، يعنيٰ اوهان جواب نٿا ڏئي سگهو. نٿو لڳي ته مسلمان ملڪ اسرائيل کي ڪو جوڳو جواب ڏئي سگهندا. جن عرب ملڪن آمريڪا يا اولهه ملڪن کان هٿيار خريد ڪيا آهن انهن هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن جنهن اهو لکيل آهي ته جنگي جهاز يا ساز سامان اسرائيل خلاف استعمال نه ٿيندو. تنهن ڪري گهڻا اپاءَ نمائشي رهڻ جو خدشو آهي. مسلمان ملڪ ابراهام اڪارڊ مان نڪرڻ، اسرائيل کي تيل يا ٻيون توانائي سپلاءِ بند ڪرڻ، فضائي ۽ سامونڊي حدون بند ڪرڻ، ۽ واپاري، سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ سميت ٻيا اپاءَ وٺي سگهن ٿا. اثرائتي حڪمتِ عملي لاءِ مسلمان ملڪن جو گڏيل ۽ پختو سياسي عزم ضروري آهي، ٻي صورت ۾ رڳو نمائشي قدمن سان صورتحال ۾ بنيادي تبديلي ڏسڻ ۾ نه ايندي ۽ ٻين جو وارو به ايندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 15 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.