دوحا(عوامي آواز نيوز)قطر جي راڄڌاني دوحه ۾ سومر ڏينهن(اڄ) هڪ هنگامي عرب-اسلامي سربراهه اجلاس ٿي رهيو آهي، جيڪو اسرائيلي حملي ۾ حماس جي اڳواڻن جي نشانو بڻجڻ کان لڳ ڀڳ هڪ هفتي پوءِ سڏايو ويو آهي۔سربراهه اجلاس کان اڳ آچر تي وزراءِ خارجہ گڏ ٿيا، جڏهنته سومر تي سربراهه گڏجي حڪمت عملي تي بحث ڪندا۔ مبصرن جو چوڻ آهي ته هي اجلاس رڳو رسمي مذمت کان اڳتي وڌي، هڪ مشترڪ ۽ مضبوط بيانيي جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو۔قطري اخبار الشرق جي ايڊيٽر جابر الحرمي چيو ته جيڪڏهن اسرائيل خلاف عملي قدمن جو اعلان نه ڪيو ويو، ته اجلاس بي معنيٰ هوندو۔ هن زور ڏنو ته عرب ملڪن کي دنيا کي ڏيکارڻو پوندو ته اسرائيلي جارحيت جي مقابلي لاءِ خطي ۾ نئين سوچ اڀري رهي آهي۔هن چيو ته اسرائيلي حملو رڳو قطر تي نه پر سمورن عرب ملڪن تي حملو سمجهيو پيو وڃي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو عرب قوم پرستي ٻيهر زور وٺي رهي آهي۔قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو ته اجلاس قطر سان عرب ۽ اسلامي يڪجهتي جو اظهار آهي ۽ اها گڏجاڻي اسرائيل جي "بزدلانه ۽ جارحاڻين قدمن” خلاف هڪ گڏيل آواز بڻبي۔لبناني سياسي محقق محمود علوش جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کانپوءِ اسرائيل علائقائي سلامتي لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويو آهي، تنهنڪري عرب ملڪن کي گڏيل پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي۔ هن چيو ته اجلاس مان هڪ مضبوط سياسي موقف جي اميد آهي، پر گڏيل بيانيه اڪيلو ڪافي نه هوندو، ان سان گڏ عملدرآمدي قدم به کڻڻا پوندا،عربن وٽ هي آپشن آهن،اسرائيل سان سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي نظرثاني ڪرڻ،مغربي اتحادي ملڪن تي دٻاءُ وڌائڻ،تيل جي طاقت استعمال ڪرڻ، بين الاقوامي عدالتن ۽ تنظيمون ذريعي اسرائيل تي دٻاءُ وڌائڻ شامل آهن،جابر الحرمي جو چوڻ هو ته عرب ملڪن وٽ آپشن موجود آهن، پر کين حقيقي سياسي عزم جي ضرورت آهي۔