صوابي (م ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) خيبر پختونخوا جي ضلعي صوابي ۾ بزرنگ جي 11 رڪني ڪميٽي طرفان ٽرانس جينڊرز کي ضلعي بدر ڪرڻ واري فيصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي، ايڇ آر سي پي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته اهڙا قدم غير آئيني، امتيازي ۽ اڳ ئي محروم هڪ طبقي خلاف تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ جي برابر آهن، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪنهن به شهري کي جنس جي سڃاڻپ جي بنياد تي پاڪستان ۾ ڪٿي به رهڻ، ڪم ڪرڻ يا روزگار حاصل ڪرڻ جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي، هيومن رائيٽس ڪميشن صوبائي ۽ ضلعي اختيارين تي زور ڏنو ته فوري طور تي صوابي ۾ ٽرانس جينڊرز جي حفاظت ۽ وقار کي يقيني بڻايو وڃي ۽ آئين ۽ ٽرانس جينڊر پرسنز (تحفظِ حقوق) ايڪٽ 2018 تحت انهن جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، بزرگن طرفان ٺهيل ڪميٽي ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي تعلقي صدر مولانا عبدالصمد حقاني سميت ٻيا ماڻهو شامل آهن. ڪميٽي ميمبر مولانا صمد چيو ته هو چاهين ٿا ٽرانس جينڊر ماڻهو پرامن طريقي سان ضلعو ڇڏي ٻئي هنڌ روزگار اختيار ڪن، تيستائين هو هتي رهندا، موسيقي جا پروگرام ٿيندا رهندا، جيڪي نوجوانن تي منفي اثر وجهن ٿا.