ٻوڏ دوران حڪومت سان گڏ اسٽيبلشمينٽ به ناڪام،عوام سخت ڪاوڙ ۾ آهي؟

اسلام آباد(نجم سيٺي)موجوده ٻوڏ ۾ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻئي ناڪام ويا آهن،ڇو ته اسٽيبلشمينٽ به حڪومت جو حصو آهي،ماڻهو سخت ڪاوڙ ۾ آهن ۽ اها ڪاوڙ ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهي ٿي،فيلڊ مارشل ڪالهه پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو آهي،سٺي ڳالهه آهي پر کيس پهرين وڃڻ گهرجي ها،جڏهن خبر هئي ته ٻوڏ اچي رهي آهي ته ان کان اڳ فوج کي سرگرم ڪرڻ گهرجي ها،ايمرجنسي اڳ ۾ ئي لڳڻ گهرجي ها،پاڻي سرن تي اچي بيٺل آهي ته هاڻي ايمرجنسي پيا لڳائن،هي وقت ماڻهن سان ڏک ونڊڻ جو آهي پر هي پنهنجي تشهير ۾ لڳل آهن،اسپتال وڃن ٿا ته اتي به تصويرون لڳائي ڇڏين ٿا،کاڌي جي پيڪٽن تي مريم نواز جون تصويرون لڳايون ويون آهن،هي پنهنجي ذاتي تشهير جو موقعو ناهي،ماڻهو ٻڏي رهيا آهن،حڪمران سفارتڪاري ۾ لڳا پيا آهن،اسرائيل ۽ قطر جي جهيڙي ۾ اسان جو ڇا وڃي؟صدر وري چين جي دوري تي نڪتل آهي،حڪمران گهٽ ۾ گهٽ اهو ته سوچين ته عوام ڇا سوچي رهيو آهي؟پنجاب کانپوءِ هاڻي سنڌ ۾ به ٻوڏ بعد ڪاوڙ جي لهر اڀرندي،فيلڊ مارشل دوري مهل ڪامورن کي ساڻ کڻي ويو،اهو سٺو عمل هو،مريم نواز کي گڏ نه کنيو ويو،سياستدانن کي سمجهڻ گهرجي ته ٻوڏ دوران ته ڪرپشن نه ڪن،پرڏيهي دورا ڪرڻ جو وقت ناهي،عوام سان گڏ بيهڻ جو وقت آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.