اسلام آباد/نيويارڪ(رضا رومي+هارون خواجا)پاڪستان جو ڪل قرض هاڻي 83 ٽريلين رپين کان وڌي ويو آهي. 2013ع ۾ بي روزگاري جي شرح 22 سيڪڙو هئي، هاڻي ٻوڏ کان پوءِ 12.5 کان 13 ڪروڙ ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ اچي ويا آهن. غربت جي ليڪ کان هيٺ رهڻ جو مطلب آهي ته ماڻهن لاءِ هڪ وقت جو کائڻ به مشڪل ٿي پيو آهي.هن ۾ پاڪستان جو ڪو قصور ناهي، اصل ۾ دنيا جي وڏن صنعتي ملڪن جي پيدا ڪيل گرين هائوس گيسن جي ڪري ٿيندڙ موسمياتي تبديلي جو نشانو پاڪستان بڻيو آهي. گذريل سال صرف ڪڻڪ ۾ هارين آبادگارن کي لڳ ڀڳ 2 ٽريلين رپين جو نقصان ٿيو. هاڻي وري ٻيهر ٻوڏ سان فصل، روزگار، صحت ۽ ملڪ جي معيشت وڏي بحران ۾ آهي.ملڪ جو ڪل قرض هاڻي 104 ٽريلين 672 ارب رپيا ٿي ويو آهي، جيڪو GDP جو 91 سيڪڙو آهي،ناڻي واري وزير جي انگن موجب روزانو لڳ ڀڳ 36 ارب رپيا قرض طور ورتو پيو وڃي. پر افسوس جو حڪومت ۾ اهڙو ماحول آهي، جو جيڪو به نئون قرض وٺي اچي ٿو، ان کي ايئرپورٽ تي هار پارايا وڃن ٿا ڄڻ ته وڏي فتح ماڻي آيو هجي،ٻوڏ جي تباهين سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 2022ع جي سيلاب ۾ 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو هو، هن ڀيري نقصان جو اندازو 40 کان 45 ارب ڊالر لڳايو پيو وڃي. فصل (چانور، ڪپهه،ڪمند وغيره) وڏي پيماني تي تباهه ٿي ويا آهن. نتيجي ۾ غربت 50 سيڪڙو کان به مٿي وڃي سگهي ٿي.هارين لاءِ قرضا معاف ڪرڻ يا رول اوور ڪرڻ گهرجن، ڇو ته گذريل سال ئي ڪسانن کي وڏو نقصان ٿيو، ۽ هاڻي وري فصل تباھ ٿي وياآهن. ڀارت ڀاڻ تي 60 سيڪڙو سبسڊي ڏئي ٿو، جڏهن ته پاڪستان ۾ سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي،ٻج ۽ ڀاڻ کي سستو ڪرڻ ضروري آهي. ڪڻڪ، چانور ۽ ٻيا اهم فصل بغير حڪومت جي سپورٽ پرائيس جي نقصان ۾ وڃي رهيا آهن.جڏهن ته ڊگهي عرصي لاءِ عوامي تحفظ،ٻوڏ کان بچاءُ، ڊيمز، بند ۽ پاڻي جي وهڪري کي سنڀالڻ لاءِ بااختيار مقامي حڪومت ۽ حقيقي منصوبابندي لازمي آهي.بي آءِ ايس پيذريعي غريب ماڻهن کي سڌو سنئون مالي سهائتا سان گڏ تعليم، تربيت ۽ صحت جي سهولتن تائين رسائي ڏيڻ جي ضرورت آهي،جڏهن ته ڪرپٽ اشرافيه ، شوگر مافيا، هائوسنگ سوسائٽي مافيا ۽ اسٽون/ٽمبر مافيا کي ڪنٽرول ڪرڻ بغير ڪا به تبديلي ممڪن نه آهي.پاڪستان جو قرض هاڻي ايترو وڌي چڪو آهي، جو حڪومت نئين قرضن سان پراڻن قرضن جا وياج به ادا ڪري رهي آهي. جيڪڏهن حڪومت ۽ ادارا هاڻي به سنجيده قدم نه کڻندا ته حال نيپال ۽ سريلنڪا جهڙو ٿي سگهي ٿو، جتي معيشت مڪمل طور تباهه ٿي وئي هئي.