سکر( رپورٽ: اظهر علي دايو) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ جي حوالي سان تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. وفاق گڏيل قومن کي مدد جي اپيل ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته موجوده ٻوڏ واري صورتحال تي مڪمل نظر رکي وئي آهي ۽ حڪومت هر سطح تي تياري ڪري چڪي آهي۔وزيراعلیٰ ٻڌايو ته اسان جو اندازو آهي ته ساڍا ڇهه کان ست لک ڪيوسڪ پاڻي گذرندو، جڏهن ته اين ڊي ايم اي 11 کان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو اطلاع ڏنو هو. جنهن جي حساب سان ئي تياري ڪئي وئي هئي۔ هن وڌيڪ چيو ته آبپاشي واري صوبائي وزير گذريل ٻن هفتن کان هتي ڪيمپ لڳائي ويٺل آهي ۽ انتظامن جي سڌي نگراني ڪري رهيو آهي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اميد آهي ته موجوده وهڪرو خيريت سان سمنڊ تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين۔اسان جي پهرين ترجيح انساني جانيون بچائڻ هئي ۽ اڃا تائين هڪ ٻه جانيون وڃايون ويون آهن. حڪومت جي ٻي ترجيح بئراجن کي بچائڻ آهي ۽ پوري اعتماد سان چيو ته ٻوڏ کي بنا نقصان جي سڀني بئراجن مان ڪاميابي سان گذاري وٺنداسين. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽين ترجيح بندن کي بچائڻ هئي، جنهن لاءِ بندن کي مٿي ڪيو ويو آهي۔هن وقت به اسان جا بند درياءَ کان اٺ فٽ اوچا آهن . ٻئي طرف وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سکر بئراج جو دورو ڪيو، جتي هن بئراج جي ڇت تي وڃي درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي بئراج تي موجود انجنيئرن ۽ لاڳاپيل آفيسرن کيس موجوده صورتحال بابت بريفنگ ڏني۔بريفنگ موجب هن وقت سکر بئراج تان پنج لک ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي، جيڪو وڏي سطح جي ٻوڏ ۾ شمار ٿئي ٿو۔ وزيراعلیٰ سنڌ بئراج جي ڇت تي بئراج تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرن سان پڻ ملاقات ڪئي۔ چيني انجنيئرن وزيراعلیٰ کي آگاهه ڪيو ته هن سال بئراج تي 16 نوان گيٽ لڳايا ويا آهن، جنهن سان پاڻي جي وهڪرن جي انتظام ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. وزيراعلیٰ کي ٻڌايو ويو ته سکر بئراج هن وقت هاءِ فلڊ جي صورتحال مان گذري رهيو آهي. گڊو بئراج ۽ سکر بئراج تي وڏي درجي جي ٻوڏ سڀاڻي تائين جاري رهندي، جنهن کان پوءِ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي.وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 21 سيپٽمبر تي ڪوٽڙي بئراج تان چار لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي اميد آهي۔ هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته صورتحال تي مسلسل نظر رکي وڃي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي. وڏي وزيرٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه گڊو بئراج جو تفصيلي دورو ڪري موجوده سيلابي صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير آبپاشي جام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کيڙو ۽ چيف انجنيئر گڊو بئراج سميت لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.بريفنگ دوران وزيراعليٰ کي ٻڌايو ويو ته گڊو بئراج جي ڊيزائن گنجائش 11 لک ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته هن وقت بئراج تان 6 لک 27 هزار 908 ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي، جيڪو اوچي سطح جو سيلاب آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٽوڙي بند ۽ ڪي ڪي بند گڊو بئراج جا ڪمزور علائقا آهن، جتي فلڊ فائٽنگ جا ڪم جاري آهن، خاص طور تي ڪي ڪي بند جي 18 ميل تي هنگامي بنيادن تي ڪم ٿي رهيو آهي.ضلعي ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ ٻوڏ جي پاڻي جي محفوظ نيڪال لاءِ قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته اين ڊي ايم اي جي هدايتن موجب گڊو بئراج علائقو سيپري فلڊ کي محفوظ نموني نيڪال ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. دريائي بندن تي مشينري ۽ فلڊ فائٽنگ جو سامان پهتل آهي.سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کيڙو وزيراعليٰ کي ٻڌايو ته سنڌ بئراجز امپروومينٽ پروجيڪٽ (SBIP) تحت عالمي بئنڪ جي سهڪار سان بحالي جا ڪم جاري آهن، جن ۾ مکيه بئراج ۽ ڪينالن جا دروارا۽ گيئرنگ سسٽم تبديل ڪرڻ، ريوَر ٽريننگ ورڪس ۽ بندن جي اوچائي وڌائڻ شامل آهي. گڊو بئراج مان ريڻي ڪينال، گھوٽڪي فيڊر، بيگاري سنڌ فيڊر ۽ ڊيزرٽ پٽ فيڊر ڪينال نڪرن ٿا، جيڪي سنڌ جي زرعي علائقن کي پاڻي فراهم ڪن ٿا. سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ڪمزور ۽ حساس علائقن تي نگراني وڌيڪ سخت ڪئي وڃي ۽ فلڊ فائٽنگ عملي کي 24 ڪلاڪ موجود رهڻ گهرجي. ضلعي انتظاميا کي به عوامي سهڪار سان رليف سرگرميون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون.مراد علي شاهه واضح ڪيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور صوبائي ڪنٽرول روم کي رپورٽ ڪيو وڃي.مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري گڊو ۽ سکر بيراج جو جائزو ورتو هو، هن وفاق کي چيو هو ته زرعي ايمرجنسي لڳايو، وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون جو هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ زرعي ۽ موسمياتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي. هن چيو ته جلد کان جلد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن جي مدد ڪئي وڃي، موسمياتي تبديلي سبب اسان ٻوڏن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم کي چوان ٿو ته گڏيل قومن کي رليف لاءِ فوري طور اپيل ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 6 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ آهي، اندازو آهي ته ساڍا 6 کان 7 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو سکر بيراج مان گذري سگهي ٿو، گڊو کان سکر تائين موجود بند جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، اسان جي پهرين ترجيح ماڻهن کي بچائڻ آهي.