بيجنگ (م ڊ) صدر آصف علي زرداري بيجنگ ۾ جي 10 سي فائٽر جيٽ ٺاهيندڙ اي وي آءِ سي ڪمپليڪس جو تاريخي دورو ڪيو، هي دورو ڀارت سان جنگبندي جي 128هين ڏينهن تي عمل ۾ آيو، سرڪاري ٽي وي جي رپورٽ موجب صدر آصف زرداري هٿياربند فوجن جي سپريم ڪمانڊر جي حيثيت ۾ اي وي آءِ سي ڪمپليڪس پهتو جتي هن سڄي ڪمپليڪس جو تفصيلي جائزو ورتو، ڪمپليڪس ۾ جي – 10 سي جهاز تيار ڪيو وڃي ٿو، جنهن مئي 2025 جي ”معرڪه حق“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، صدر زرداري انجنيئرن ۽ سائنسدانن سان ملاقات ڪئي، جتي کين جي – 10 جي ايف-17 ۽ جي-20 اسٽيٿ فائٽرز بابت بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي ڊرونز، خودڪار يونٽن ۽ ملٽي ڊومين آپريشنز تي به تفصيلي آگاهي ڏني وئي، صدر آصف زرداري چيو ته جي- 10 ۽ جي ايف-17 جهازن پاڪ فضائيه کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي ۽ مئي 2025 جي ”معرڪه حق“ ۽ ”آپريشن بنيان المرصوص“ ۾ انهن جي ڪارڪردگي نمايان رهي آهي، چين سان دفاعي پيداوار ۽ هوا بازي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائينداسين، هن اي وي آءِ سي کي چين جي ٽيڪنالاجي ۽ پاڪ-چين اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي علامت قرار ڏنو، صدر آصف علي زرداري اي وي آءِ سي ڪمپليڪس جو دورو ڪندڙ پهريون غير ملڪي سربراهه بڻجي ويو، ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، سينيٽر سليم مانڊوي والا، پاڪستاني سفير خليل هاشمي ۽ چيني سفير جيانگ زائي ڊونگ به موجود هئا، پاڪستان ۽ چين دفاعي پيداوار ۽ هوا بازي ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم کي ورجايو.