ڪراچي يونيورسٽي جي اربين رپين جي زمين تي مافيا جون نظرون

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي يونيورسٽي جي اربي رپين جي قيمتي زمينن تي به قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن معاملي تي يونيورسٽي جي  سينڊيڪيٽ جي ميمبر ڊاڪٽر حسن اوج هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ٻڌايو ته ختم نبوت چوڪ جي ويجهو يونيورسٽي جي زمين تي پيٽرول پمپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صرف زمين جي تحفظ لاءِ سينڊيڪيٽ جو اجلاس سڏايو ويو. ان اجلاس ۾ متفقه فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي يونيورسٽي جي هڪ انچ زمين به نه ڏني ويندي.سندس چوڻ هو ته وائيس چانسلر ۽ سيڪريٽري بورڊز تمام سخت قدم کنيا آهن.ڊاڪٽر حسن ٻڌايو ته يونيورسٽي جي زمينن تي لڳ ڀڳ 25 ڪيس مختلف عدالتن ۾ هلندڙ آهن، جيڪي 20 کان 25 سالن کان اٽڪيل آهن. انهن مان نون ڪيسن ۾ فيصلا يونيورسٽي جي حق ۾ اچي چڪا آهن، پر باقي 16 ڪيسن ۾ فيصلا نه ٿي سگهيا آهن.تازو هڪ ڪيس ۾ عدالت حڪم ڏنو آهي ته 27 سيپٽمبر تائين تعمير جاري رکي سگهجي ٿي، جيڪو يونيورسٽي انتظاميه لاءِ حيران ڪندڙ آهي.ڊاڪٽر حسن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ وڏيون وڏيون مافيا سرگرم آهن، جن جا سڳا ڌاڳا پري پري تائين ملن ٿا.آگسٽ ۾ سلور جوبلي گيٽ جي سامهون به اهڙي ڪوشش ٿي، جنهن کي انتظاميه ۽ پوليس جي مدد سان روڪيو ويو،ڊاڪٽر حسن ٻڌايو ته 2009ع ۾ ڪي ڊي اي سڀني زمينن جي تصديق ڪئي ۽ سڀئي پلر (A1 کان 223 تائين) يونيورسٽي جي ملڪيت قرار ڏنا، پر ان باوجود ڪجهه ڌريون قبضي جي ڪوششون جاري رکن ٿيون،هن چيو ته هي زمين ڪروڙن نه پر اربن رپين جي آهي.ڊاڪٽر حسن شڪايت ڪئي ته يونيورسٽي جي انتظاميه طرفان سنڌ حڪومت کي بار بار اپيل ڪئي وئي آهي، پر ڪا به سنجيدگي نه ڏيکاري وئي. سندس خيال ۾ حڪومت، بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ هن معاملي کي معمولي سمجهن ٿا، ڄڻ ڪا فالتو زمين هجي.سندس چوڻ هو ته سينڊيڪيٽ ۾ هاءِ ڪورٽ جو هڪ جج به ميمبر هوندو آهي، پر هو ڪڏهن به اجلاس ۾ نه ايندو آهي، جنهن سبب يونيورسٽي کي قانوني رهنمائي نٿي ملي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.