بيجنگ (م ڊ) صدر آصف علي زرداري طرفان چين ۾ زلزلي وارننگ سسٽم سان ليس هاءِ اسپيڊ ٽرين ۾ سفر، صدر آصف علي زرداري چين ۾ زلزلي وارننگ سسٽم سان ليس هاءِ اسپيڊ ٽرين ۾ سفر ڪيو، ان موقعي تي پاڪستاني سفير خليل هاشمي، چيني سفير جيانگ زائي ڊونگ ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا به ساڻس گڏ هئا، ميان يانگ پهچڻ تي نائب ميئر وُو هائو صدر جو استقبال ڪيو، صدر زرداري سان گڏ پاڪستان جا قونصل جنرل ۽ سفارتخاني جون اختيارين پڻ موجود هئا. آصف علي زرداري چينگڊو کان ميان يانگ جو سفر اڌ ڪلاڪ ۾ ٽرين ذريعي مڪمل ڪري پوءِ شنگھائي پهتو.