خاشقجي کان نصرالله گڏاڻي تائين ـ سچ لکندڙن جون قربانيون

تحرير: ثوبيا کوسو

صحافت ڪوڙي تصوير ٺاهڻ جو نه پر سچ کي وائکو ڪرڻ جو نالو آهي، ۽ سچ طاقتورن جي اک ۾ سدائين ڪنڊو ٿي رهيو  آهي. جڏهن قلم مان لفظن جي شڪل ۾ باهه جا شعلا نڪرندا آهن ۽ انهن شعلن مان ئي سچ نکري نروار ٿيندو آهي ته ان قلم کي خاموش ڪرائڻ لاءِ سازشون جوڙيون وينديون آهن، ڪوڙا الزام مڙهيا ويندا آهن،صحافين کي ڪڏهن  ڀتاخور، ڪڏهن مذهب مخالف، ته ڪڏهن وري ملڪ جي سلامتي خلاف جو  جواز بڻائي جيلن ۾ واڙيو ويندو آهي، دنيا جي تاريخ اهڙي داستانن سان ڀريل آهي  جتي ظالم حڪمرانن ۽ انهن جي ساٿارين پنهنجو تخت ۽ پنهنجون ٺاهيل غيرقانوني ملڪيتون بچائڻ لاءِ سچ لکندڙن کي باغي، ڀتاخور دهشتگرد، ايجنٽ، وطن دشمن سڏيو، پر تاريخ شاهد آهي ته ڪوڙا الزام ڪڏهن به سچائي کي روڪي ناهن سگهيا.

جمال خاشقجي جهڙو سچو آواز، جيڪو پنهنجي قوم جي درد ۾ لڇندو هو ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي حڪمرانن جي اکين ۾ اکيون ملائي سوال ڪندو هو ، کيس به  باغي ۽ غدار قرار ڏنو ويو ۽ پوءِ سعودي قونصل خاني اندر سندس جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري سندس جسم مان روح ڪڍيو ويو ۽ حڪومت اهو سوچيو ته کيس مارڻ سان سچ به ختم ٿي ويندو  پر اها رياست جي ڀل هئي، رياست  سندس لفظن کي ڪڏهن به نه ماري سگهي، ٻئي طرف وري جوليان اسانج، جنهن آمريڪا سامراج جي سازشن کي وائکو ڪيو، ان کي به ايجنٽ جا لقب ڏنا ويا، ۽ پنهنجي پاڻ کي  دنيا جي سڀ کان وڏي ڊيموڪريسي جو علمبردار سڏرائيندڙ  آمريڪا ان صحافي جي قلم کان ايترو به ڊڄي ويو  جو هڪ صحافيءَ کي قيد ڪيو ويو، ماريا رياسا جڏهن فلپائن ۾ هزارين بيگناهه قتلن تي سوال ڪيو ته حڪومت کيس ٽيڪس چور ۽ سائبر ڪرائم جي الزامن ۾ ڦاسائي ڇڏيو، پر پوءِ به  کيس نوبل انعام ڏنو ويو ته ڪوڙن ، ٺڳن حڪمرانن جي منهن تي موچڙو لڳو،

روس ۾ هڪ عورت  آننا پولتڪوسڪايا، جيڪا چيچنيا ۾ رياستي ڏاڍ کي وائکو ڪندي رهي، ان کي دهشتگردن جو ساٿاري ڄاڻائي کيس گولين سان پروڻ ڪيو ويو، پر سندس رت سان لکيل سچ اڄ به روس جي تاريخ تي هڪ تئي مثل آهي، ۽ اڄ جي ڳالهه ڪيون خاص ڪري هن ملڪ جي ته حامد مير کي سچ چوڻ جي اها سزا ملي جو کيس گوليون هنيون ويون، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته الزام هڻندڙن کي تاريخ ڪڏهن به معاف ناهي ڪندي ۽  الزام کائڻ وارا ئي امر ٿيندا آهن، پنهنجي هڪ آرڊر ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪورٽ سپريم ڪورٽ پاڻ چيو آهي ته صحافت جي آزادي جمهوريت جي روح آهي، پر اڄ به صحافين کي ڪچلڻ لاءِ آرٽيڪل 19 کي لتاڙي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا وڃن ٿا. گڏيل قومن جي رپورٽون، ايمنسٽي انٽرنيشنل جا اعلان، انساني حقن جي تنظيمن جا بيان سڀ دانهون ڪري چون ٿا ته صحافت تي لڳندڙ الزام اصل ۾ طاقتور جي ڪمزوري آهي، هڪ ڳالهه صاف آهي ته سچو صحافي ڪڏهن به پنهنجي ضمير جي ٻولي تي سودو نٿو ڪري، جيڪو قلم مظلومن جي رت سان سچ لکي  ان کي ڪوڙو الزام خاموش نٿو ڪري سگهي، خاشقجي جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ٿيل عضوا، اسانج جي سالن جي قيد، رياسا تي لڳل ڪوڙا ڪيس، پولتڪوسڪايا جو رت، ۽ اسان جي سنڌ جي صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي  جو بي جان ۽ بنا روح جي مئل جسم  وڏي واڪي چوندو آهي ته طاقتورن جا الزام ڪوڙا آهن، پر قلم جو سچ امر آهي.تاريخ جو فيصلو صاف آهي ـ الزام هڻندڙن جو نالو ڪو نه ڄاڻندو، پر سچ لکندڙن کي دنيا صديون ياد ڪندي، اسان وٽ به ائين ئي آهي، هڪ طرف طاقتور پاور فل حڪومت ۾ ويٺل وزيرن، مشيرن، جا دادلا وڏيرا ته ٻي طرف هڪ عام صحافي جنهن وٽ پنهنجو ذاتي گهر به ناهي، اهو جڏهن پنهنجي قلم مان سچ لکندو آهي ته اهي دادلا وڏيرا پهرين ته کيس چپ ڪرائڻ لاءِ لالچون ڏيندا آهن پر جڏهن لالچ کي اهو قلمڪار پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيندو آهي ته مٿس الزام لڳايا ويندا آهن، مخلتف طريقن سان کيس اڪيلو ڪرڻ جون سازشون ڪيون وينديون آهن، ۽ مٿس قاتلاڻا حملا ڪرايا ويندا آهن، پري نه وڃو جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ جي صرف لوڪل گورنمنٽ جي بجيٽ کي ڏسندا ۽ وري ڳوٺن، شهرن جي حالت ڏسندا ته اوهان کي اتي ئي اندازو ٿي ويندو ته حقيقت ڇا آهي، آئون سمجهان ٿي ته اهڙي کي صحافي ئي نه چئجي جيڪو پنهنجي آسپاس جي رهواسين ۽ ڌرتي تي ظلم ٿيندي ڏسي به تماشائي بڻيل هجي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ گهڻي قدر ائين آهي، هو فلاڻو رئيس آهي ان جا وڏا واسطا آهن پوءِ هو ڇا به ڪري هن جي خلاف نه لکو، جيڪڏهن ظلم، بربريت، ڪرپشن جي خلاف نه لکجي. پوءِ ماٺ ڪري گهر ويهي رهجي، پنهنجي اکين سان سڀ ڪجهه ڏسندي به پئسن يا ڊپ جي ڪري  تماشائي بڻيل هجي پوءِ  گرڙ پکي ۽ انسان ۾ ڪهڙو ٿو فرق رهجي وڃي؟ سچ ته سچ هوندو آهي پوءِ ڀلي وقتي طور سچ کي دٻائجي، سچ کي سولين تي لٽڪائجي، سچ کي جيلن ۾ واڙجي پر سچ وري به سچ هوندو آهي، ۽ سچ اهڙو ته طاقتور آهي جو اهي الزام ، اهي جيلون، اهي ٽارچر سيل سڀ ٽوڙي ٻاهر نڪري ايندو آهي۔

 جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ ریہ لوڪل گورنميٽ جي بجيٽ کي ڏسندا ۽ وري ڳوٺن، شهرن جي حالت ڏسندا ته اوهان کي اتي ئي اندازو ٿي ويندو ته حقيقت ڇا آهي، آئون سمجهان ٿي ته اهڙي کي صحافي ئي نه چئجي جيڪو پنهنجي آسپاس جي رهواسين ۽ ڌرتي تي ظلم ٿيندي ڏسي به تماشائي بڻيل هجي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ گهڻي قدر ائين آهي، هو فلاڻو رئيس آهي ان جا وڏا واسطا آهن پوءِ هو ڇا به ڪري هن جي خلاف نه لکو، جيڪڏهن ظلم، بربريت، ڪرپشن جي خلاف نه لکجي. پوءِ ماٺ ڪري گهر ويهي رهجي، پنهنجي اکين سان سڀ ڪجهه ڏسندي به پئسن يا ڊپ جي ڪري  تماشائي بڻيل هجي پوءِ  گرڙ پکي ۽ انسان ۾ ڪهڙو ٿو فرق رهجي وڃي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.