دبئي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيم جي نوجوان اوپنر صائم ايوب چيو آهي ته اسان جو هدف رڳو ڀارت خلاف ميچ نه پر ايشيا ڪپ جي ٽرافي کٽڻ آهي.
پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي صائم ايوب چيو ته هر ميچ ۾ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، اسان جو مقصد رڳو ڀارت خلاف ميچ نه پر ايشيا ڪپ جي ٽرافي کٽڻ آهي، ڀارت سميت هر ٽيم خلاف بي ڊپي ڪرڪيٽ کيڏنداسين.
صائم ايوب موجب، پليئنگ اليون پِچ جي حالتن موجب چونڊي ويندي آهي، خشڪ پچ تي اسپنرن کي موقعو ملي ٿو، ٽيم جا رانديگر اعتماد ڏين ٿا، جڏهن ته ٽيم کي کٽائڻ ئي سڀ کان وڏو چئلينج آهي.
پاڪستاني بيٽر چيو ته دٻاءُ ۾ رهي کٽڻ ضروري آهي، جيڪڏهن هڪ رانديگر ميچ کٽائي ته سڀ پراڻي پرفارمنس وساري ويهندا آهن، وڏي ميچ ٽيم ورڪ سان کٽڻ ئي مقصد آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پاڪ-ڀارت ميچ جي ياد ڪا خاص ناهي، مئنيجمينٽ جو مشورو آهي ته ماضي مان سکون، پر ڌيان هاڻوڪي وقت ۽ ايندڙ ميچ تي رکون.