پاڪ-ڀارت ميچ: خدا ڪارڻ ان کي جنگ نه سمجهو…!

سرمد سولنگي

هي اِها ميچ آهي، جنهن جو شيڊيول ايندي ئي اڳڪٿيون شروع ٿي وينديون آهن.
ميچ کان ڪجهه ڏينهن اڳ رانديگر، شوقين ۽ ڪرڪيٽ پنڊت/تجزيي نگار تجسس ۾ هوندا آهن ته ڪير کيڏندو؟ ڪير ويهندو؟ اهڙا انيڪ سوال سندن بار بار ذھن ۾ مانڌاڻ مچائيندا رھندا آھن.
ٻنهي ملڪن جي ٽي وي چئنلز تي ڪرڪيٽ اڪسپرٽ وچ ۾ تِکا مِٺا بحث ڊجيٽل مارڪيٽنگ کي نئين سگهہ بخشيندا آھن.
توھان هن ميچ جي مقبوليت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهون ٿا ته ھن مئچ جي نالي ۾ سڀ ڪجهه وڪامي ويندو آهي.
جيڪڏهن ڪرڪيٽ مارڪيٽنگ جي ڳالهه ڪجي ته هن کان بهتر ڪو مقابلو شايد ئي ھجي.
ھيءُ هڪ اهڙو مقابلو، جيڪو سدائين سياسي مسئلن جي ور چڙهيل رھيو آھي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ھن راند کي جنگ جو ميدان پڻ بڻايو ويو آھي ( ڪولڪتا ايڊن گارڊن جي پچ کوٽڻ ھجي يا پشاور ۾ عرفان پٺاڻ تي ڪوڪن سان حملو، ماضيءَ ۾ جڏھن به ھي ٻه ٽيمون دوبدو ٿيون ته اھڙا منظر ڏسڻ لاءِ مليا.)
ھڪ اندازي موجب، هن واري ميدان کان سواءِ ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهو ٽي وي ۽ موبائل فون اسڪرينز تي هيءَ ميچ ڏسندا، جيڪو اسپورٽس براڊڪاسٽنگ جي تاريخ ۾ هڪ نئون رڪارڊ هوندو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 دوران آخري ڀيرو پاڪستان-ڀارت مقابلو، دبئيءَ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ئي ٿيو ھو، جتي ڀارت پاڪستان کي راند جي ٽنهي شعبن آئوٽ ڪلاس ڪري فاتح رھيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ گذريل سال عالمي ڪپ ۾ نيويارڪ جي نساؤ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويئي ھئي، اتي شاهينن کان ھڪ سئو ويهه بالن تي ھڪ سئو ويهه رنسون نه ٺهيون ھيون.
ويجهي ماضيءَ ۾ پاڪستان 2021ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني ھئي جڏھن ته 2022ع واري ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏيل ايشيا ڪپ جي سپر فور ميچ ۾ به ڀارت کي ھارايو ھو ۽ اتفاق سان اِھي ٻئي دنگل به دبئيءَ ۾ ٿيا ھئا جتي ھڪ دفعو وري سڀاڻي ٻيئي ڌريون ھڪٻئي جي آمهون سامهون ھونديون.
پر ان کان اڳ ئي ٻنهي ملڪن جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جنگ جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي.

ھڪ پاسي آءِ پي ايل ۾ بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا جي فرنچائز پنجاب ڪنگز پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان پاڪ-ڀارت ٽاڪري جي حوالي سان پوسٽ ۾ پاڪستان جو لوگو ئي گم ڪري ڇڏيو آھي يعني ڀارت جو مقابلو آچر تي ٿيندو ته صحيح پر ڪنهن سان ؟ اِھو ڄاڻي خدا. ڳالهه ايستائين ھجي ته به چڱو پر ھيڏانهن وري ڪراچي ڪنگز وارن به موقعي کي غنيمت ڄاڻيندي پنهنجي اندر جي باهه ميدان بدران سوشل ميڊيا تي ڪڍڻ جو پهه ڪيو .
اھڙين ٻاراڻين حرڪتن سان ميدان جي نتيجي تي ڪو فرق پوي نه پوي پر ائين ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جي ذهنن ۾ اھا ڳالهه ڦٽ ڪئي وئي آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان هڪ ٻئي جا دشمن آهن ۽ ماڻهو ڪرڪيٽ جي مقابلي کي به جنگ سمجهڻ لڳا آهن.
پر انهن کي ڪير سمجهائي ته اِھا سوچ سراسر بيوقوفي آهي؟
عوام، سياستدانن ۽ جرنيلن جي دماغن ۾ اھا وڏي غلطي فهمي ويهي وئي آهي ته جنگ ئي مسئلن جو حل آهي، کين ڪير سمجهائي ته تڪرارن جو حل رڳو ڳالهه ٻولهه هوندي آهي.

ويجهڙائي وارن سالن ۾ ٻنهي ٽيمن جي ڪارڪردگي تي هڪ نظر
گذريل سالن دوران ٻنهي ٽيمن جي ڪاڪردگي جي ڀيٽ ڪجي ته اتي به ڀارت کي پاڪستان تي سرسي حاصل رهي آهي، ڀارت ون ڊي ايشيا ڪپ 2023 کٽڻ بعد ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 جو رنر اپ رھيو، ان کانپوءِ 2024ع وارو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽيو ۽ 2025ع ۾ چيمپيئنز ٽرافي پڻ پنهنجي نالي ڪئي، جڏھن ته ان عرصي دوران پاڪستان ايشيا ڪپ 2023ع، ورلڊ ڪپ 2023ع، ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024 ۽ چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ گروپ مرحلي ۾ ناڪام ٿي واپسي جي ٽڪيٽ ڪٽائي.

پاڪستان کي اِھو فائدو آھي ته ھن واري روھت، ڪوھلي،.جاڙيجا، ايشون سندن آڏو نه ھوندا جڏھن ته ڀارت کي اھو فائدو آھي ته حارث رئوف( ڀارت خلاف کيس کيڏائڻ جا امڪان گهٽ آهن)، بابر اعظم ۽ محمد رضوان ھن دفعي مقابلي کان ٻاھر ھوندا .

مقابلي جي ڳالهه ڪجي ته ڀارت آن پيپر پاڪستان جي ڀيٽ ھڪ مضبوط مخالف آھي.
ھو ھن فارميٽ جو عالمي چيمپئن ھئڻ سان گڏ ھن فارميٽ جي گهرجن پٽاندڙ ھڪ بئلنسڊ اسڪواڊ سان ٽورنامينٽ ۾ موجود آھي. بُمرا. پانڊيا ۽ دوبي جي صورت پيس ويريئشن ته آھي ئي پر ڪُلديپ ۽ ورون چڪرورتي جهڙن ميسٽري اسپنرن ساڻ اڪشر پٽيل وارو آپشن ڀارت جي بالنگ جي شعبي کي پرفيڪٽ بڻائي ٿو.
بيٽنگ ۾ اڀيشيڪ جهڙو اوپنر جنهن وٽ وڏيون شاٽون آھن، ان کي گِل جهڙي سياڻي سنگت جو ساٿ پڻ ملندو ۽ موقعي ملڻ تي گِل به وڏي دِل سان کيڏڻ وارن مان آھي.
سوريا جي ھلي پئي ته پوءِ باقي ھلن نه ھلن ڪو فرق نه ٿو پئي. پر جي سوريا ٻوٽو نه ٻاريو ته تِلَڪ تباھي مچائڻ لاءِ ويٺو آھي، ان کانپوءِ سنجو وٽ پنهنجا جلوا ڏيکارڻ جو موقعو ھوندو ۽ فنشنگ ڪردار ۾ شيوَم ۽ پانڊيا جهڙا ھارڊ ھٽر ھر ٽيم جي پهرين ترجيح ھوندا آھن پر اِھو به نه وسارڻ گهرجي ته اڪشر پٽيل به بيٽنگ ڪرڻ ڄاڻي ٿو سو ڀارت راند جي ٽنهي شعبن ۾ آن پيپر مضبوط اپوزيشن طور اُڀري اچي ٿو.
ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جا ٻيئي اوپنر آئوٽ فارم آھن، پهرين ميچ ۾ عمان جهڙي ڪمزور ٽيم خلاف شروعاتي ڏھن اوورن ۾ 83 ۽ پوئين ڏھن اوورن ۾ 76 رنسون ٺاهيون ۽ پنج وڪيٽون پڻ وڃايون. فخر جو فارم ۾ نه ھجڻ ڀارت لاءِ پلس پوائنٽ آھي باقي محمد حارث ۽ حسن نواز وٽ ھيڏي وڏي مقابلي ۾ پاڻ مڃائڻ جو موقعو آھي.
آغا سلمان جو مزاج دبئيءَ جي ڪنڊيشن مطابق ڀارت لاءِ پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو ، پر ان لاءِ ٻئي اينڊ ڏانهن رنسن ٺاھڻ جي رفتار ماٺي نه ٿيڻ گهرجي.
فهيم اشرف ۽ نواز مختلف موقعن تي بيٽنگ ۽ بالنگ ذريعي پاڻ ملهائي چڪا آھن ۽ انهن مان به اميد رکي سگهجي ٿي جڏھن ته سفيان، ابرار لاءِ ڀارتي بيٽرن کي منهن ڏيڻ وڏو امتحان ھوندو.
شاهين ماضيءَ ۾ ڀارت تي ڀاري رھيو آھي پر ھن واري کيس ھڪ الڳ پلان سان اچڻو پوندو ڇو ته ھن دفعي ھن جي آڏو ھڪ ٻيو شرما ھوندو جيڪو پهرئين بال سان ئي ان کي بائونڊري پار پهچائڻ جي ڪم ۾ لڳي ويندو آھي .

پاڪستان-ڀارت ڪرڪيٽ سدائين سياست جو شڪار رھي آھي.
1960 کان 1978 تائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪا به ڪرڪيٽ نه ٿي1987 کان 1999 تائين ٽيسٽ سيريز نه ٿي سگهي ۽ 2008 کان پوءِ ته ٻه طرفي ڪرڪيٽ مڪمل طور ختم ٿي ويئي.
ڀارت جو موقف رهيو آهي ته هو پاڪستان خلاف دهشتگردي جي الزامن جي موجودگيءَ ۾ ڪرڪيٽ نٿو کيڏي سگهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي فوجي قومپرستي جو اظهار سمجهيو ويندو آهي، خاص طور تي جيڪڏهن سامهون ڀارت هجي.

ڀارت هميشه پاڪستان تي دهشتگردي جو الزام لڳائيندو رهيو آهي، جڏهن ته ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جا ڪيترائي ميمبر ۽ مذھبي تنظيم شِو سينا جا اڳواڻ پاڪستان سان هر قسم جي لاڳاپن جي مخالفت ڪندا رهيا آهن.

ٻئي پاڪستان سدائين ڀارتي الزامن سختي سان رد ڪندي ان کي ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جو جواز قرار ڏيندو رهيو آهي.

پراسين هڪ ڪرڪيٽ پريميءَ طور چاھيان ٿو ٻيئي ملڪ ڪرڪيٽ کي سياسي تڪرار جي ور نه چاڙھين ..
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ، شدت پسندي، دهشتگردي ۽ ايٽمي هٿيارن جي خطري بابت ڳالهيون ٿينديون رھيون آھن ۽ ٿينديون رھنديون.
پر ڪرڪيٽ ته هڪ راند آهي، اسان کي ان کي راند طور ئي ڏسڻ گهرجي.
ڪير سرحدي ڇڪتاڻن ۾ فوجي جوانن جي موت تي مائرن جي جهوليون اجڙندي ڏسڻ چاهي ٿو ؟
انڪري ٻنهي ٽيمن مٿان ٻي ڪنهن قومي جدوجهد جو ٻوجهه گهٽايو وڃي، ڪرڪيٽ امن جي پيغام لاءِ ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا گهٽائڻ لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿي.
ٻنهي ملڪن کي مختلف محاذن تي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان کي عوام جي عوام سان سڌي ريت لاڳاپن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن عسڪري ۽ مذهبي ٺيڪدارن جي سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي.
ان ڪري ڪرڪيٽ کي ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو بڻايو وڃي، نفرتن بدران محبتون ورهايون وڃن.
پاليسي ٺاهڻ وارن کي ڪرڪيٽ ذريعي ھاڪاري پيغام ڏيڻ گهرجي.
ته پوءِ اڄ ٿيندڙ ميچ ۾ نفرتون وساري محبتون ورھايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.