لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي سُپريم ڪورٽ جي جج جي اسڪواڊ جي گاڏي ساڙڻ واري ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل 125 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت صنم جاويد، محمد صديق، طيب علي، سيد فيصل اختر ۽ ظريف خان جا دائمي وارنٽ گرفتاري جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت سزا جي ڏينهن پيش نه ٿيڻ تي خديجا شاهه سميت 14 جوابدارن جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو.
عدالت عمر سرفراز چيما، ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي مجموعي طور 48 سال قيد جون سزائون ٻڌايون، جڏهن ته هر جوابدار کي هڪ لک پنجاهه هزار رپيا ڏنڊ به ڀرڻو پوندو.
تفصيلي فيصلي ۾ شاهه محمود قريشي جي بري ٿيڻ بابت چيو ويو ته سندس ڪيس الڳ آهي، هن ثابت ڪيو ته هو موقعي تي موجود نه هو.
فيصلي ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته واقعي واري ڏينهن شاهه محمود ملتان کان ڪراچي ويو هو، جنهن جون شاهديون به پيش ڪيون ويون.
لکت فيصلي موجب پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري کانپوءِ سوشل ميڊيا تي احتجاج لاءِ اُڪسايو ويو، ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت سڀني جوابدارن ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي، ڪو به شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن باني عمران خان جي هدايت کي مقدس سمجهن ٿا.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي سميت 21 جوابدارن کي بري ڪيو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ عمر سرفراز چيما سميت 18 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون هيون.
You might also like