رٽائرڊ ججن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي خط تي سپريم ڪورٽ وضاحت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٽائرڊ ججن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي خط تي سپريم ڪورٽ پڌرائيءَ ۾ وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب عوامي وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال جي عزم سان چيف جسٽس جي سيڪيورٽي کي مناسب بڻايو آهي، جڏهن ته سڀني ججن جي سيڪيورٽي کي به ريگوليٽ ڪيو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته چيف جسٽس پروٽوڪول ۾ سرڪاري گاڏين جو انگ 8 مان گهٽائي 2 ڪيو ويو آهي، ٻين ججن لاءِ حفاظتي نظام به مناسب طريقي سان منظم ڪيو ويو آهي، رٽائرڊ ججن جي سيڪيورٽي کي به رواجي قانونن، سيڪيورٽي پروٽوڪولز ۽ حق موجب ريگوليٽ ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ جي ترجمان چيو ته صدارتي حڪم رٽائرڊ ججن کي تاحيات سيڪيورٽي فراهم ڪندو آهي، رٽائرڊ جج ماضي ۾ حساس ڊيوٽي ڪري چڪا هوندا آهن، مسلسل سيڪيورٽي خدشن کي ڏسندي سرڪلر جاري ڪيو ويو.
اها سيڪيورٽي بنا ڪنهن غير معمولي فائدي، واڌو رعايت يا مراعتن ۾ شامل ناهي، سرڪلر ان ڪري جاري ڪيو ويو ته جيئن ضرورت کان وڌيڪ فورس جي مقرري نه ٿئي، جنهن جو مقصد سپريم ڪورٽ، گهرو وزارت ۽ صوبائي اختيارين وچ ۾ هم آهنگي يقيني بڻائڻ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.