اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عمر حيات تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وئي.
اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ 16 ورهين جي ثنا يوسف جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا ٻڌڻي ڪئي.
پيشي جي موقعي تي جوابدار عمر حمايت کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪندي جوابدار کي چالان جي ڪاپي پيش ڪئي.
عدالت 20 سيپٽمبر تي جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪندي، جوابدار خلاف سنبل ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل آهي.
واضح رهي ته جوابدار قبول ڪيو هو ته هن ثنا يوسف کي گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪيو هو.
You might also like