پروڊيوسر بڻجڻ منهنجي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيو: هما قريشي

بالي ووڊ اداڪارا ۽ پروڊيوسر هما قريشي چيو آهي ته پروڊيوسر بڻجڻ منهنجي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيو، ان تجربي سان مان وڌيڪ عاجز بڻجي ويس.
هما قريشي جي پروڊيوسر طور فلم ”بيان“ جو ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول 2025 (ٽي آءِ ايف ايف) ۾ پريميئر ٿيو.
اداڪارا تازو پنهنجي ڀاءُ ثاقب سليم سان گڏ پنهنجو پروڊڪشن هائوس لانچ ڪيو آهي.
هما قريشي جي فلم ”بيان“ ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول 2025 ۾ رليز ٿي ۽ اداڪارا ٽي آءِ ايف ايف ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي، هن نه رڳو ان فلم ۾ اداڪاري ڪئي آهي پر ان جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر پڻ آهي.
ان حوالي سان هما قريشي چيو ته پروڊيوسر بڻجڻ جو تجربو منهنجي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيو آهي، ان تجربي مون کي همدردي سيکاري، فلم سازي جي عمل کي سمجهڻ ۽ مدد ڏني ۽ مون کي وڌيڪ عاجز بڻائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.