سڄي دنيا ۾ روزانو لکين سمارٽ فون وڪرو ٿين ٿا، پر سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائڻ وارو فون ڪهڙو آهي؟
هڪ نئين رپورٽ ۾ ان جو جواب ڏنو ويو آهي.
2025 جي پهرين ڇهن مهينن دوران سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون ڪنهن اينڊرائيڊ ڪمپني جو نه پر ايپل جو آءِ فون 16 رهيو.
ڪائونٽر پوائنٽ ريسرچ جي رپورٽ موجب، اپريل کان جون 2025 تائين عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ فون 16 جو راڄ رهيو.
ٻئي نمبر تي آءِ فون 16 پرو ميڪس رهيو،
ٽئين نمبر تي آءِ فون 16 پرو رهيو.
ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ جي گليڪسي A16 چوٿين، جڏهن ته گليڪسي A06 پنجين نمبر تي آيا.
فيبروري 2025 ۾ متعارف ڪرايل آءِ فون 16 اي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فونن جي فهرست ۾ ڇهين نمبر تي رهيو.
جنوري کان مارچ 2025 تائين به عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ فونز جو راڄ رهيو هو، جتي آءِ فون 16 سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيو، اهڙيءَ ريت 6 مهينن دوران اهو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون ثابت ٿيو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته دنيا ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ سبب ماڻهن جي قوتِ خريد متاثر ٿي آهي، پر ايپل جا آءِ فونز اڃا تائين سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿين ٿا.
2024 ۾ به دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون آءِ فون 15 هو، جنهن جو مارڪيٽ شيئر 3 سيڪڙو رهيو.
ٻئي نمبر تي آءِ فون 16 پرو ميڪس رهيو، جيڪو سيپٽمبر 2024 ۾ متعارف ٿيو هو، جڏهن ته ٽئين نمبر تي آءِ فون 15 پرو ميڪسرهيو.