فون هيڪ ٿي وڃي ته ڪيئن خبر پوندي؟ هي ڳالهيون نوٽ ڪري ڇڏيو

سائبر ڪرمنلز وٽ توهان جي سمارٽ فون کي هيڪ ڪرڻ يا ڊيٽا چوري ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا موجود آهن، ڀلي اوهان وٽ اينڊرائيڊ هجي يا وري وڌيڪ محفوظ سمجهيو ويندڙ آءِ فون، ڇو ته اهڙي هيڪنگ کان ٽيڪنالاجي جي وڏين شخصيتن جا اڪائونٽس به محفوظ ناهن رهيا.
اهڙن طريقن ۾ نقصانڪار لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ، جعلي ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ، جعلي سافٽ ويئر انسٽال ڪرڻ يا عوامي هنڌن تي موجود جعلي واءِ فاءِ نيٽ ورڪ استعمال ڪرڻ شامل آهن.
پر سوال آهي ته توهان کي ڪيئن خبر پوندي ته فون هيڪ ٿي ويو آهي يا نه؟
فوربز جي هڪ رپورٽ ۾ اهڙي قسم جي ڪجهه علامتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.ا
جيڪڏهن اوهان جي فون جي بيٽري تيزي سان گهٽجڻ لڳي يا فون غيرمعمولي طور گرم ٿي وڃي ته اها عام ڳالهه ناهي، پر فون هيڪ ٿيڻ جي نشاني ٿي سگهي ٿي.
اوچتو نيون ايپس ظاهر ٿيڻ، يا وري فون ۾ موجود ايپس دير سان لوڊ ٿيڻ، پاڻمرادو کُلڻ يا بند ٿيڻ به هيڪنگ جو امڪان ظاهر ڪن ٿيون، تنهنڪري اهڙي شڪي رويي کي نظرانداز نه ڪريو.
جيڪڏهن اوهان جو موبائل پئڪيج تيزي سان ختم ٿيڻ لڳي يا فون تي اوپرن نمبرن جو استعمال ڏسڻ ۾ اچي ته ان کي به هيڪنگ جي علامت سمجهڻ گهرجي.
فون ۾ اوچتو نوٽيفڪيشن يا پاپ اپس ظاهر ٿيڻ، ڪئميرا يا مائڪرو فون سيٽنگز ۾ بنا اجازت تبديلي به هيڪنگ جي نشاني آهي.
جيڪڏهن اوهان پاڻ کي غير امڪاني طور تي پنهنجي ايپل آءِ ڊي، گوگل اڪائونٽ يا ٻين آن لائين اڪائونٽن مان لاگ آئوٽ ڏسو ته سمجهي وڃو ته توهان جو فون هيڪ ٿي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.