مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) انگلش بيٽرز ڏکڻ آفريڪي ابالرن مٿان قهر بڻجي ڪڙڪي پيا ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
فِل سالٽ انگلينڊ جي ٽي ٽوئنٽي تاريخ جي تيز ترين سينچري اسڪور ڪندي ٽيم کي ڏکڻ آفريڪا خلاف تاريخي فتح ڏياري.
اولڊ ٽريفورڊ مانچسٽر ۾ کيڏيل ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 304 رنسن جو جبل کڙو ڪيو.
سالٽ رڳو 39 بالن تي سينچري ٺاهي ۽ هم وطن ليام ليونگسٽن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، سالٽ 60 بالن تي 141 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
ليونگسٽن 2021ع ۾ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 42 بالن تي انگلينڊ لاءِ تيز ترين سينچري ٺاهي هئي.
ان کان سواءِ جوس بٽلر به شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 30 بالن تي 83 رنسون ٺاهيون ۽ سالٽ سان گڏ پهرين وڪيٽ لاءِ 126 رنسن جي ڀائيواري ڪئي. جيڪب بيٿل 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪپتان هيري بروڪ 21 بالن تي 41 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
305 رنسن جي هادف پٺيان ڊوڙيندڙ ڏکڻ آفريڪا جي اوپنرن ايڊن مارڪرم ۽ رائن رڪلٽن جارحاڻي شروعات ڪندي 22 بالن تي 50 رنسون ٺاهيون، پر پوءِ جوفرا آرچر شاندار بالنگ ڪندي ٻه تڪڙيون وڪيٽون وٺي آفريڪي اُميدن تي پاڻي هاري ڇڏيو.
ميچ ۾ آرچر 25 رنسون ڏئي ٽي شڪار ڪيا، جڏهن ته سيم ڪرن 11 رنسون ڏئي ٻه وڪيٽون ورتيون.
ڏکڻ آفريڪا پوري ٽيم 158 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ انگلينڊ ميچ 146 رنسن تان کٽي ٽن ميچن جي سيريز هڪ-هڪ تان برابر ڪري ڇڏي. سيريز جي فيصلائتي ميچ آچر تي ٽرينٽ برج ۾ کيڏي ويندي.
You might also like