عباسي شهيد اسپتال جي لفٽ ڪِرڻ جو خوفناڪ واقعو، مرتضيٰ وهاب ۽ صحافي ذري تان بچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عباسي شهيد اسپتال ۾ لفٽ ڪِرڻ جي واقعي ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ صحافي ذري تان بچي ويا.
ڪراچي جي عباسي شهيد اسپتال جي لفٽ ٽين ماڙ کان پهرين ماڙ تائين ڪِري پئي پر خوش قسمتي سان ان ۾ سوار صحافي ۽ ٻيا ماڻهو محفوظ رهيا.
اکين ڏٺن شاهدن موجب لفٽ ڪجهه وقت لاءِ اٽڪي پئي هئي، جنهن سبب وڏي نقصان کان بچاءُ ممڪن ٿيو.
لفٽ ۾ هڪ صحافڻ، مختلف نجي ٽي وي چينلن جا ڪيمرا مين ۽ ٻيا سوار هئا، جن کي پوءِ حفاظت سان ڪڍيو ويو.
واقعي کان ٿورو اڳ ميئر مرتضيٰ وهاب به ان ئي لفٽ ذريعي هيٺ لٿو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.