ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي خوبرو اداڪارا ديشا پٽاني جي گهر ٻاهران اڻڄاتل هٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اداڪارا ۽ سندس گهرڀاتي محفوظ رهيا.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، جمعي جي رات ساڍي ٽين وڳي بريلي ۾ اداڪارا جي رهائشگاهه تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو.
افسوسناڪ واقعي دوران ٻه اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ديشا پٽاني جي گهر تي مسلسل گوليون هلائي فرار ٿي ويا، پر خوشقسمتي سان اداڪارا ۽ سندس ڪٽنب کي ڪو نقصان نه پهتو.
ان واقعي جي ذميواري گينگسٽر روهت گودارا ۽ گولڊي برار گينگ سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي قبول ڪئي.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ديشا پٽاني جي ڀيڻ خوشبوا پٽاني سندن روحاني اڳواڻن ”پريمانند مهاراج“ ۽ ”انيروڌ چاريه جي مهاراج“ بابت توهين جوڳو بيان ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ اهو حملو ڪيو ويو.
گينگسٽر طرفان جاري ڪيل فيس بڪ پوسٽ ۾ اداڪارا ۽ سندس ڪٽنب کي خبردار ڪيو ويو ته ”هي رڳو هڪ ٽريلر هو، جيڪڏهن خوشبو پٽاني يا ڪنهن ٻئي اهڙي حرڪت ڪئي ته پوءِ ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏينداسين“
پوسٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ”هي پيغام رڳو انهن لاءِ نه آهي پر فلم انڊسٽريءَ سان واڳيل سمورن فنڪارن ۽ لاڳاپيل ماڻهن لاءِ به آهي.“
ٻئي پاسي اداڪارا جي والد جڳديش پٽاني واقعي خلاف پوليس ۾ باظابطا طور شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پوليس جاچ لاءِ پنج خاص ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن.
ديشا پٽاني جي گهر ٻاهران انڌا ڌنڌ فائرنگ، حملي جو ڪارڻ ۽ ذميوارن جا تفصيل سامهون اچي ويا
Prev Post
You might also like