ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سان ميچ نه کيڏڻ وارن مطالبن تي ردعمل ڏيندي ڀارتي حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي پارليامينٽ رڪن انوراگ ٺاڪُر چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان سان ايشيا ڪپ ۾ ميچ نه کيڏي ته ايونٽ مان ٻاهر ٿي وينداسين.
ڇنڇر ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي انوراگ ٺاڪُر چيو ته آءِ سي سي ايونٽس يا ايشيائي ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ٽورنامينٽس ۾ ڀارت کي لازمي طور حصو وٺڻو پوندو.
سندس جو چوڻ هو ته ڀارت ڪيترن ئي ورهين کان ڀارت جا پاڪستان سان ٻه طرفا ڪرڪيٽ لاڳاپا معطل آهن.