”ٻوڏ دوران مريم نواز ماءُ ۽ ڀيڻ جيان پنهنجا فرض نڀائي رهي آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ٻوڏ دوران مريم نواز هڪ ماءُ ۽ ڀيڻ بڻجي پنهنجا فرض نڀائي رهي آهي.
پنهنجي بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هر متاثر وٽ پهچي رهي آهي ۽ مريم نواز پاڻ دورا ڪري سهولتن جو جائزو وٺي رهي آهي، ڪنهن به انتظامي ڪوتاهيءَ تي هوءَ لاڳاپيل آفيسر کي جوابده بڻائي ٿي.
هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، مريم نواز پنهنجا فرض هڪ درد رکندڙ ماءُ ۽ ڀيڻ جيان ادا ڪري رهي آهي پر ڪجهه ماڻهو سياست ڪري رهيا آهن، عوام کي خبر آهي ته ڏکئي وقت ۾ ڪير انهن سان گڏ آهي ۽ ڪير زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.