پاڪ-ڀارت دنگل:پريتي زنٽا جي ٽيم جي تڪراري پوسٽ تي ڪراچي ڪنگز جو سخت جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز، بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا جي ٽيم پنجاب ڪنگز پنجاب جي تڪراري پوسٽ تي تخليقي پوسٽ ذريعي ڪندي ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو.
انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ پريتي زنٽا جي فرنچائز پنجاب ڪنگز سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ اسپورٽس مين اسپرٽ جي ابتڙ قدم کڻندي ڀارت خلاف ميچ جي شيڊيول واري پوسٽرن مان پاڪستان جو لوگو هٽائي ڇڏيو هو.
پنجاب ڪنگز پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ پاڪستان جي لوگو جي جاءِ تي اڇو باڪس رکيو، جڏهن ته پوسٽ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو لوگو واضع طور نظر اچي رهيو هو.
ان غيراخلاقي عمل تي نه رڳو پاڪستاني پر ڀارتي ڪرڪيٽ پرستارن سميت سڄي دنيا ۾ موجود مداحن ان کي بيوقوفاڻي ۽ ڪِريل حرڪت قرار ڏيندي سخت تنقيد ڪئي، جنهن کانپوءِ پنجاب ڪنگز پنهنجي پوسٽ تي ڪمنٽس وارو سيڪشن ئي بند ڪري ڇڏيو.
مداحن جي تنقيد ۽ دٻاءَ کانپوءِ پي ايس ايل فرنچائز ڪراچي ڪنگز به تخليقي پوسٽ شيئر ڪندي پنجاب ڪنگز کي ڀرپور جواب ڏنو.
ڪراچي ڪنگز جي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا شطرنج کيڏي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان جي تصوير مڪمل طور ڪاري پاڇي سان ڍڪيل آهي.
ساڳي تصوير ۾ ٽيبل تي پيل گَاھڙي پڻ نظر اچي رهي آهي، جنهن تي ڇهه بجي جو وقت سيٽ آهي، جيڪو آپريشن ”بنيان المرصوص“ ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن ۾ پاڪستاني هوائي فوج ڀارتي ايئرفورس جي ٽن رافيل سميت 6 جنگي جهاز تباهه ڪيا هئا.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمون گروپ ميچ ۾ سڀاڻي آچر 14 سيپٽمبر تي دبئي ۾ دوبدو ٿينديون.
جيڪڏهن ٻئي ٽيمون سپر فور مرحلي ۾ پهتيون ته ٻنهي ۾ ٻيو دنگل 21 سيپٽمبر تي ٿيندو، جيڪڏهن ٻنهي روايتي مخالفن فائنل تائين ڪواليفاءِ ڪري ورتو ته 28 سيپٽمبر تي ٽئين وڏي مقابلي جو امڪان پڻ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.