راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه جي مختلف ڪارروائين دوران ڀارتي حمايت يافتا 35 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته 12 جوان شهيد به ٿيا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 10 کان 13 سيپٽمبر تائين خيبر پختونخواهه ۾ ٻه مختلف آپريشن ڪيا، جنهن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشنز ۾ ڀارتي حمايت يافتا 35 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي ان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر باجوڙ ۾ فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف وزيرستان ۾ به ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ وڌيڪ 13 دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 بهادر جوان شهيد به ٿيا.
خيبر پختونخواهه ۾ فورسز جون ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافتا 35 دهشتگرد مارجي ويا، 12 جوان شهيد
You might also like