اسڪردو (م ڊ) گلگت بلتستان جي ننڍي وي لاگر محمد شيراز اسڪول جي بهتري کانپوءِ هاڻي پنهنجي ڳوٺ واسين لاءِ مفت ايمبولنس سروس شروع ڪري انسانيت جي خدمت جو نئون مثال قائم ڪري ورتو آهي، جنهن سان ايمرجنسي حالتن ۾ مريضن کي بروقت علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو، تازو محمد شيراز هڪ وڊيو انسٽاگرام تي شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هن پنهنجي ڳوٺ جي ڀڳل ٽُٽل اسڪول کي سوشل ميڊيا مان حاصل ٿيندڙ آمدني سان جديد اسڪول ۾ تبديل ڪيو آهي.هاڻي ننڍڙي وي لاگر هڪ ٻي وڊيو ۾ ٻڌايو ته هن ڳوٺ واسين لاءِ مفت ايمبولنس سروس جي شروعات ڪئي آهي ته جيئن مجبور ۽ مستحق ماڻهن جي وقت سر مدد ٿي سگهي، ڇو ته سندس چوڻ موجب هر انساني جان نهايت قيمتي آهي، شيراز چيو ته ڳوٺ ۾ علاج لاءِ ڪا سٺي اسپتال موجود ناهي، جنهن سبب ماڻهن کي هڪ يا ٻه ڪلاڪ سفر ڪري شهر وڃڻو پوي ٿو، جيڪو ڏکيو به آهي ۽ مالي طور به هر ڪنهن جي وس کان ٻاهر هوندو آهي، هن ٻڌايو ته ڳوٺ جون عورتون زچڪي وقت وڏي ڏکيائي ۾ هونديون آهن، جڏهن ته برفباري ۽ سخت سيءُ ۾ وڏا، ٻار ۽ عورتون سڀ ڏکئي زندگي گذارين ٿا.