حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ايازلطيف پليجو سان ڪشمور جي سياسي سماجي اڳواڻن تاج محمد بجاراڻي، يار محمد، زين العابدين ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته اسان کي درياھ سان گڏ ڌرتي به بچائڻي آهي ھر پنجن منٽن کان پوءِ سنڌين کي چئو ٿا ڪالا باغ ڊيم ڀاشا ڊيم، ڊيا مير ڊيم ٺاھيون ٿا، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي نئون صوبو ٿا ٺاھيون، سنڌي پرامن آهن، تنگ نه ڪيو، سنڌي چون ٿا ته اسان جي پاڻي، زمين ۽ وسيلن ۾ هٿ نه وجھو، ڪئنالن، ڊيم، ميرٽ جي لتاڙ، ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني، لاقانونيت ۽ ڪرپشن خلاف ڊگهي، منظم ۽ ثابت قدم جدوجھد لاءِ سنڌي ماڻهن کي تيار رهڻ گهرجي، ٻوڏ دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کاڌي پيتي شيون مهانگيون ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو وڃي، اٽي سميت کاڌي پيتي جون شيون سبسڊي ڏئي سستيون ڪيون وڃن. سنڌ جو سمورن ضلعن ۾ ھارين ۽ مزدورن لاءِ رھائشي اسڪيمون شروع ڪري کين مفت پلاٽ ڏنا وڃن، ملير، لياري، سنڌو درياھ سميت پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تي ٿيل قبضا، غير قانوني ۽ ناجائز رھائشي اسڪيمون ختم ڪيون وڃن، درياھ ۽ ندين ۾ رھائشي اسڪيمن جي منظوري ڏيندڙ عملدارن کي گرفتار ڪري نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت پنھنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي ڪوڙي مشھوري جي مھم ھلائي رھي آھي. سنڌ حڪومت جا وزير ۽ بلدياتي نمائندا ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران ٽڪ ٽاڪر بنجي ويا آھن، سنڌ حڪومت جي نااھلي ۽ ناڪامي سبب برساتن جي ڪري عوام جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي. ماڻھو سخت تڪليف ۾ آيا آھن، سوين علائقا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏا پيا آھن. ضلعي حڪومتون ۽ سنڌ حڪومت پاڻي نيڪال جي نالي ۾ ڪوڙا بل ٺاھي ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري رھيا آھن.