نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي صدر ٽرمپ جي پاڻ کي نوبل انعام لاءِ حقدار قرار ڏيڻ تي نوبل ڪميٽي جو موقف سامهون آيو آهي، نوبل ڪميٽي جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جو امن انعام حاصل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ ڪنهن به صورت ۾ فيصلو سازي تي اثرانداز نه ٿيندو، هر اميدوار جو جائزو ان جي انفرادي صلاحيتن ۽ خدمتن جي بنياد تي ورتو ويندو، اسان جا فيصلا مڪمل طور تي آزاد ۽ غيرجانبدار هوندا، امن انعام جو اعلان 10 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو۔ ياد رهي ته پاڪستان، اسرائيل ۽ ڪمبوڊيا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي.