پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري وفاق کان جيڪي به مطالبا ڪندو آهي وفاق اهي بنا ڪنهن دير جي تسليم ڪندو آهي ۽ مطالبن تي عمل درآمد ٿيڻ لڳندو آهي۔ بلاول ڀٽو ٻه ڏينهن اڳ قدرتي آفتن ٻوڏن ۽ برساتن کانپوءِ جنهن ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي هڻڻ جو مطالبو ڪيو هو اهو به وزيراعظم محمد شهباز شريف مڃي ورتو آهي جيڪو وفاقي ڪابينا جي منعقد ڪيل هنگامي اجلاس ۾ رکيو ويو ۽ ان جي منظوري ورتي وئي۔ شڪرالحمد الله دير آيد درست آيد وفاق کي ملڪ ۽ قوم جو ڪجهه ته احساس ٿيو آهي جو ملڪ ۾ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي پئي وڃي۔
وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪميٽي به قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ لاڳاپيل وزير، سيڪريٽريز ۽ چيف سيڪريٽريز شامل هوندا جيڪي ٻوڏ صورتحال ۽ نقصانن جو ازالو ڪرڻ لاءِ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس سڏائيندا جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ شرڪت ڪندا.وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا اجلاس ۾ اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ حڪومت جي مجبوري آهي جنهن لاءِ حڪومت في الحال صوبن اندر برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جون ذميواريون سونپيون ويون آهن جنهن جا انگ اکر ايندڙ هفتي سامهون اچڻ جا امڪان آهن پوءِ به غير سرڪاري انگن اکرن موجب برساتن ۽ ٻوڏن سبب هن وقت تائين هزارين موت ٿيا آهن جن ۾ نه صرف ڪي پي ۽ پنجاب جا ماڻهو آهن پر سنڌ ۽ بلوچستان به وڏي پئماني تي ڀوڳيو آهي جتي لکين ايڪڙ ايراضي تي پوکيل خريف جا فصل به نقصان هيٺ آيا آهن جنهن سان به ملڪ توڙي صوبن ۾ ڏڪاري حالتون پئدا ٿي سگهن ٿيون۔
سنڌ ۽ بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جا ماڻهو ته غربت سبب اڳ ۾ ئي بي حال ۽ بکايل آهن جن کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو هو ته مٿان تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي ته اڃا وڌيڪ تباهي آندي ۽ مسئلا پئدا ڪندي۔ اهي برساتون ۽ ٻوڏون اڄ جو مسئلو ناهن پر پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ۽ بعد جو رهيو آهي۔ اهي تباهيون، موت ۽ فصل تڏهن کان ئي تباهه ٿيندا رهيا آهن جنهن کان عوام انهيءَ ڪري لاتعلق هئي جو اطلاعات جا ذريعا گهٽ هئا هڪ علائقي جي ٻئي علائقي تائين پهچندڙ نقصانن جي خبر نه پوندي هئي۔پاڪستان ۽ صوبن ۾ ڪيئي حڪومتون آيون ۽ ويون پر ڪڏهن به ڪنهن حڪومت ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جو سوچي يا فيصلو ڪري ناهي سگهي۔ برساتون ۽ ٻوڏن جي نقصانن کي پاسيرو رکندي ان تي سياست ٿيندي رهي آهي جيئن هن وقت به اهو نعرو سياسي چال ٿو لڳي ۽ سياسي مفادن جو هڪ حصو آهي جنهن جو عوام کي ڪنهن به قسم جو فائدو يا رليف ملندي نظر نٿو اچي۔ جڏهن کان ملڪ ٺهيو آ تڏهن کان ملڪ جو ڪنهن به ناهي سوچيو هرڪو اڳواڻ ڪمايو کايو کپايو ٻاهرين ملڪ رفو چڪر ٿيو وڃي ٿو عوام کي ئي ملڪ اندر رهندي هن قسم جا رولڙا ڏسڻا ۽ برداشت ڪرڻا پون ٿا۔1942 وارين برساتن ۽ ٻوڏن جو ذڪر نٿا ڪريون جو ان وقت برطانيا جي حڪومت جي آسري هئاسين پوءِ به برطانيا پاڪستان کي دنيا جو بهترين آبپاشي نظام ڏنو جنهن جو ميوو هن وقت پيا کائون۔پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ته وفاق ۽ صوبن ۾ پنهنجيون حڪومتون رهيون آهن پر اسان ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي ڪهڙو نئون آبپاشي نظام ڏنو آهي سواءِ تڪراري ڊيمن جي اڏاوت جي۔ ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي ته تڏهن کان ئي لڳڻ گهرجي ڇو نه لڳي سگهي۔ هن ملڪ تي وڏو عرصو پ پ ۽ ن ليگ جون حڪومتون رهيون آهن تڏهن ته ڪجهه به نه ٿيو۔ جيڪڏهن شروع کان ئي پاڻي جي وهڪرن لاءِ محفوظ رستا ۽ لنگهه هجن ها ۽ شهري ٽائون پلاننگ هجي ها ته شايد ئي ملڪ ۽ صوبا تباهي ۽ نقصان طرف وڃن ها جيئن هن وقت وڃي رهيا آهن۔ڪو به ملڪ ۽ صوبن سان سچو ناهي جو چئجي ته اعلانيل ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي ڪو مستقبل ۾ فائدو ڏئي سگهي ٿي بلڪ ان جو حشر به 27 هين ترميم جيان ئي ٿيندو جو عدالتي نظام به غير موثر رهجي ويو آهي۔
بلاول ڀٽو زرداري جي مطالبي تي وزيراعظم شهباز شريف پاران موٽ ۾ اعلانيل ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي تي به عمل ٿيندي نظر نٿو اچي جو پاڪستان وٽ ايترا مالي وسيلا ئي موجود ناهن جو اها ان تي پوري ريت عمل ڪري سگهي۔ هن لاءِ دوست ۽ همدرد ملڪن جي مالي سهڪار جي به ضرورت پوندي جنهن جو حصول في الحال ته ممڪن نظر نٿو اچي۔ هن ڏس ۾ کربين ڊالرز جي ضرورت آهي جيڪي شهرن جي ٽائون پلاننگ درياهن جي بچاءَ بندن کي مٿي ۽ مضبوط ڪرڻ بئراجن جي نئين سر اڏاوت يا مرمت ڪرائڻ ڪئنالن ۽ شاخن جي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ جيڪي هن وقت زبون حال آهن ۽ ٻيا ڪيئي مسئلا موجود آهن جن ۾ وڏو مسئلو موسمي تبديلين کان عوام کي بروقت ۽ اڳواٽ آگاهي ڏيڻ آهي جنهن لاءِ به وڏا فنڊ ۽ تربيت يافته عملي جي ضرورت پوندي۔
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته برساتن ۽ ٻوڏن رڳو سنڌ کي ٻوڙيو آهي جيڪا لهواري تي آهي ٻين صوبن کي به وڏو نقصان پهچندو رهيو آهي۔پاڪستان ٺهڻ بعد مختلف وقتن تي 56 , 73 , 76 ,2010 ۽ 22 ۾ سنڌ بري طرح ڀوڳيو سڀني ڏٺو پر دنيا ڏٺو لکين ڊالرز امداد طور مليا پوءِ به اسان پنهنجو نظام مضبوط ڪري ناهيون سگهيا جو ايندڙ وقت ۾ ممڪن آهي رڳو سياسي نعرن تي زور ۽ هڪ ڏيکاءُ آهي۔ هن لاءِ پاڻ تي ڀاڙڻ سان گڏ دوست ملڪن ۽ عالمي ادارن جي سهڪار جي به سخت ضرورت آهي جنهن کانپوءِ ئي ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي ڏانهن ڪاميابي سان وڃي سگهبو في الحال ته سياسي نعرو نظر پيو اچي جنهن تي ئي گذران ڪرڻو پوندو۔ بهرحال بلاول ڀٽو زرداري جو مطالبو وزنائتو آهي جنهن تي پوري ريت عمل ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ چئني صوبن جي ماهرن محققن کي به صلاح مشورن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي۔