جنسي هراساني جي الزامن هيٺ انگليند ڪرڪيٽ جي اهم شخصيت خلاف جاچ شروع

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جنسي هراساني وارو واقعو پيش آيو آهي، جنهن کانپوءِ هڪ ناليواري شخصيت خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، انگلينڊ ڪرڪيٽ جي هڪ ناليواري شخصيت تي ٻن عورتن کي نشي واري شئي پيئارڻ ۽ جنسي حملي جا الزام آهن، جن تي پوليس جاچ ڪري رهي آهي.
رپورٽن موجب، ٻن عورتن مان هڪ تي جنسي حملو ڪيو ويو، جڏهنته 40 ورهين شخص کان پوليس طرفان پاڇا ڳاڇا ڪئي وئي.
اسڪاٽ لينڊ يارڊ جون ۾ سائوٿ ويسٽ لنڊن جي هڪ پب ۾ مبينا طور نشي واري شئي پيئارڻ جي شڪايت تي 40 ورهين شخص کان پڇاڻو ڪيو هو.
برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مبينا واقعو 22 مئي تي لنڊن جي هڪ علائقي ۾ پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.