بلاول ٻوڏ متاثر خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي ترت رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي: آصفه ‎ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ بجلي جا بل معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ آصفه ڀٽو ٻڌايو ته بلاول ڀٽو وفاق کان ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو ٻوڏ متاثر خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي فوري رليف ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.
آصفه ڀٽو زرداري موجب، بلاول ڀٽو عالمي ادارن سان رابطا ڪري ٻوڏ متاثرين لاءِ ترت مدد وٺڻ جو چيو آهي، جڏهنته پيپلز پارٽي ان حوالي سان صوبائي ۽ قومي اسيمبلي سان گڏ سينيٽ ۾ به ٺهراءَ پيش ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.