ڀارتي ٽيم ميچ هارائي ته رانديگرن جا گهر ساڙيا ويندا، اسان شڪست تي به صبر ڪرڻ وارا آهيون: آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وڏي مقابلي کان اڳ ئي ڪرڪيٽ شوقينن جو جوش جذبو عروج تي نظر اچي رهيو آهي.
پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهِد آفريدي هڪ دفعو ٻيهر اهڙو بيان ڏنو آهي، جنهن ڀارتي شدت پسندن کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا آهن.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي ”ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز“ تي سخت تنقيد ڪرڻ سان گڏ ايندڙ آچر تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ ميچ بابت به راءِ ڏني.
هن چيو ته ”هميشه منهنجو موقف رهيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ جاري رهڻ گهرجي، ڇو ته ان سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا “
هن چيو ته ”انگلينڊ ۾ ميچ لاءِ ماڻهو ٽڪيٽون خريد ڪري چڪا هئا، رانديگرن پريڪٽس به ڪئي هئي، پر ان باوجود ڀارت کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اها آخر ڪهڙي سوچ هئي؟ مان اڄ تائين نه سمجهي سگهيس “
ڀارتي شدت پسندي تي ٺٺول ڪندي هن چيو ته ”ڀارت جا ڪجهه رانديگر اڄ به اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن ته هو ڀارتي آهن، هو ڄائي ڄم کان اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن ته هو محب وطن آهن، ساڳيا رانديگر ايشيا ڪپ ۾ ڪامينٽري به ڪري رهيا آهن.“
شاهد آفريدي چيو ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم هارائي وئي ته عوام سندن گهر ساڙڻ لاءِ پهچي ويندو آهي ۽ رانديگرن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جو ڌمڪيون ملنديون آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ اها روايت ناهي، اسان صبر ۽ شڪر سان قبول ڪري وٺون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.