کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي اڳوڻي اهلڪار لڪي بشٽ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو ڪيئي مهينا اڳ ئي نيپال ۾ حڪومت جي خاتمي بابت اڳڪٿي ڪري رهيو آهي.
يوٽيوب تي 13 ڊسمبر تي اپلوڊ ٿيل هڪ پوڊڪاسٽ ۾ لڪي بشٽ چيو هو ته ”اڄ توهان کي اِها ڳالھه تعجب جوڳي لڳندي، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ توهان ڏسندئو ته نيپال جي حڪومت ڪِرڻ واري آهي.“
هن چيو هو ته 10، 15 ڏينهن يا وڌ ۾ وڌ هڪ مهيني اندر خبر ايندي ته نيپال جي اها حڪومت، جيڪا رڳو ٻه مهينا اڳ ٺهي هئي، هاڻي ڪِرڻ واري آهي.
ياد رهي ته هلندڙ هفتي نيپال ۾ سوشل ميڊيا تي پابندي کانپوءِ عوامي احتجاج پرتشدد رخ اختيار ڪيو، جنهن سبب وزيراعظم ڪي پي شرما اولي عهدو ڇڏي ڏنو.
وزيراعظم جي استعيفيٰ کان پوءِ به نيپال احتجاج جاري رهيو ۽ ڪيئي ئي سرڪاري ۽ خانگي عمارتن سان گڏ سياستدانن جي گهرن تي حملا ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.
You might also like