اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وزارت ۾ 78 ارب رپين کان وڌيڪ جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي.
آڊيٽر جنرل پاڪستان جي رپورٽ ۾ مواصلات کاتي ۾ 78 ارب رپين مان رڳو پاڪستان پوسٽ آفيس ۾ 50 ارب رپين جي ڪرپشن سامهون آئي آهي.
رپورٽ موجب، پاڪستان پوسٽ ۾ 28 ڪروڙ 42 لک جي ڪرپشن ۽ چوري سامهون آئي، جڏهن ته ايڇ آر ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ ارب 25 ڪروڙ 69 لک جون گهوٻيون هنيون ويون.
آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته پاڪستان پوسٽ جي مختلف خريداري معاملن ۾ 2 ارب 84 ڪروڙ جي سنگين بي ضابطگيون ٿيون.
رپورٽ موجب، وزارت جي ڪمرشل بئنڪن ۾ اڪائونٽس هئڻ سبب 4 ارب 58 ڪروڙ جو نقصان ٿيو، 12 ڪيسن ۾ 9 ارب 42 ڪروڙ رپين جي عدم ريڪوري رپورٽ ٿي ۽ 13 ڪيسن ۾ 58 ارب رپين کان وڌيڪ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي.
آڊيٽر جنرل سفارش ڪئي ته پاڪستان پوسٽ ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي، خريداري ۾ پي پي آر اي رولز جي پابندي لازمي بڻائي وڃي ۽ خساري ۾ هلندڙ ڊاڪ خانن کي منافعي بخش بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.