اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي توشا خانا ٽو ڪيس جو ٽرائل روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي بئريسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف چوڌري ايڊووڪيٽ جي ذريعي متفرق درخواست جمع ڪرائي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ نومبر 2024 ۾ توشا خانا ٽو ڪيس ۾ بريت واري درخواست رد ڪئي، جنهن کي هاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو ته بريت واري درخواست رد ٿيڻ خلاف اپيل 21 جنوري 2025 تي داخل ڪئي وئي هئي، جنهن جي آخري ٻڌڻي 25 اپريل تي ٿي، پر ان کانپوءِ اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿي، اپيل ۾ دير سبب درخواستگذارن جا حق متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته ٽرائل ڪورٽ ۾ بريت جي درخواست رد ٿيڻ واري فيصلي خلاف اپيل جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي ۽ اپيل تي فيصلي تائين ٽرائل روڪيو وڃي.