”ٽرمپ قطري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي آهي ته اسرائيلي حملي جهڙو واقعو ٻيهر پيش نه ايندو“

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ آمريڪي مستقل نمائندي دورٿي شيا چيو آهي ته صدر ٽرمپ قطري وزيراعظم کي پَڪ ڏياري آهي ته اسرائيلي حملي جهڙو واقعو ٻيهر پيش نه ايندو.
قطر ۾ حماس جي اڳواڻن تي اسرائيلي حملي واري معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڊورٿي شيا چيو ته صدر ٽرمپ امير قطر ۽ قطري وزيراعظم ٻنهي کي يقين ڏياريو آهي ته اهڙو واقعو ٻيهر پيش نه ايندو.
هن وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ چاهي ٿو ته غزا مان سمورا يرغمالي آزاد ٿين ۽ جنگ ختم ٿئي، ڇو ته اهو امن ڏانهن هڪ موقعو ٿي سگهي ٿو، آمريڪا يرغمالين جي آزادي، جنگ جي خاتمي ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندو رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.