تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو فلسطيني اولهندي ڪناري ۾ تڪراري آبادڪاري جي منظوري واري منصوبي تي صحيح ڪري ڇڏي.
عرب ميڊيا موجب، نيتن ياهو نئين منصوبي تي صحيح ڪندي ٻه رياستي حل ڏانهن وڃڻ ۽ فلسطين کي تسليم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي هن چيو ته ” هيءَ ڌرتي اسان جي آهي ۽ اسان پنهنجو واعدو پورو ڪري رهيا آهيون ته هتي ڪا به فلسطيني رياست نه ٺهندي.“
رپورٽ موجب، منصوبي تحت اسرائيلي آبادڪارن لاءِ 3400 نوان گهر اڏيا ويندا، جن ذريعي بيت المقدس کي اولهندي ڪناري جي وڏي حصي کان ڌار ڪيو ويندو ۽ اسرائيلي وسندين کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو.
ٻئي پاسي غزا ۾ اسرائيلي فوجي ظلم جاري آهي، جتي شديد بمباري سبب وڌيڪ 72 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته بک وگهي وڌيڪ 5 فلسطينن دم ڏئي ڇڏيو.